ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي بادل نيڻ ۽ مينھن جو بيت
وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون سِکِيين مِينھَن،
تَہ ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بَسِ بُوندُنِ کان نَہ ڪَرِين.
سمجهاڻي
اي مِينھن، جيڪڏهن تون (فراق جي ماريل) ڪنھن عاشق جي اکين کان وسڻ سکين ها تہ جيڪر ڏينھن رات (هروقت) پيو وسين ها. اصل وسڻ کان بس ئي نہ ڪرين ها. (ڇو تہ عاشقن جي نڪا روئڻ جي موسم هوندي آهي ۽ نہ ڪو وري بس ڪرڻ سندن وس ۾ هوندو آهي).
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1820
وَسَنِ اَکَرِيُنِجَا جٖيْ تُنْ سِکہ﮼ مِيْهَ﮶
تَہ هُنْدَ رَاتُوْ ڎِيْهَ بَسِ بُندُنِ کَا نَڪَرٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वसणु अखड़ियुनि जां। जे तूं सिखियें मींहं।
त हूंद रातो डीं॒हं। बसि बूंदनि खां न करीं।
ROMAN SINDHI
Wasan'n akhriyon jaan, jey toon sikhein meinhun,
Ta hoond'a raato Deehein, bass boond'un khaan na karein.
TRANSLATIONS
O rain! If you are to learn your job from my eyes, you would never stop dropping at any time.
Verily the steadfast shall have their reward without measure.
(10, AI-Zumar).
Oh rain! if you learn to weep like my eyes,
Then night and day your drops will not cease.
O rain, if you learn to rain like my eyes,
You would rain day and night and would never stop dropping.
يا مطر! لو تعلمت الإمطار وإنهمار مثل إنهمار وهموع عيون العاشقين أمطرت طول النهار ولم تتوقف. (العاشقون يبكون ليلا ونهارا)
توای باران اگر از چشم من باریدن آموزی
نباشی ساعتی خاموش از باریدن ای باران
شوی شبروز گم در گریہ، ای باران بمانندم
ترا با اشک خود بازی بود بازیدن ای باران
کچھ خبر بھی ہے تجھ کو اے بادل
آ بتائوں میں راز کی اک بات
دیکھ لیتا جو میری آنکھوں کو
پھر نہ تھمتی کبھی تری برسات
بادل! گر تو برسے، جیسے میرے نین،
پھر نہ پائے چین، برسے تو دن رات۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
وڊيو سيڪشن