ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي بُرو ھو ڀنڀور جو بيت
وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيَين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سين.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) جبلن جي لڪن تي لوڏا کائي چڙهڻ (ڪشالا ڪڍڻ) منھنجي لاءِ گهڻو بھتر آهن جن تان ڀنڀور جا سک ۽ آرام گهوري ڦِٽا ڪجن. اي امڙ، تون جيڪي پيار ڀريون ڳالهيون پيئي ٻڌائين (آسرا پيئي ڏئين) اهي ڪم جون ناهن. (توکي خبر آهي) مون پنھنجي دل ۾ ساجن سان گڏ هلڻ ۽ گڏ هجڻ جي شرط ٻڌي آهي (هن سان وعدو وچن ڪيو آهي).
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 10
وَرُ لَڪَنِ جِيْ لُوْڎَ کُوْرِئَا سُکَہ بَنْڀُوْرَ جَا﮶
جٖيْ تُنْ اَمَنِ آَڇِيٍ سٖيْ مُنْ ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪُوْڎَ﮶
ھِي﮼ مُھْجٖيْ ھُوْڎَ ٻَڌِيْ ٻَارُوْچَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वरु लकनि जी लोड॒। घोरिया सुख भंभोर जा।
जे तूं अमड़ि आछियें। से मूं कमि न अचनि कोड॒।
हिंयें मुंहिंजे होड॒। ब॒धी बा॒रोचनि सें।
ROMAN SINDHI
war'u lakan'ay ji lodd'a, ghhoriyaa sukhh'a bhanbhor'a jaa,
jay too'n amarr'ay aachheen, say moo'n kam'ay na achan'ay kodd'a,
hiny'en munhinji hodd'a, Badhi Baarochan'ay see'n.
TRANSLATIONS
Banish the comforts of Bhambhore! Welcome are the uneven labyrinths of the mountain passes. They are better for me. "O mother! The trinkets that you offer me are useless (i.e. all worldly things and pleasures are useless vis-a-vis those of the Hereafter). My mind is irretrievably attached to the beloved."
مشکل پندھ پہاڑاں اُتوں سُکھ بھنبور دے وارے
اماں ہن دلاسا تیرا نا دُکھ مرا نوارے
شرط عشق دی سوز غماں دا میں ہن پوری کرنی
سکوں بخشیں گے کیا ماں کے دلاسے
گوارا ہی تن آسانی نہیں ہے
نہیں بھنبھور اب پہلا سا بھنبھور
یہاں جب سے وہ آریانی نہیں ہے
راہ کے دکھ ہیں اعلیٰ جن پر، سکھ بھنبھور کے قربان،
تیرے سکھ کس کام کے میا!، اور تیری سب خوشیاں،
مانگے اپنا جاناں، میرا دل اے میا!
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection