ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي سؤُ سُک ۽ طالب، تات جو بيت
وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو،
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) جن جي دل ۾ درد ۽ فراق جي ويھڻ جي جاءِ آهي، سور بہ اُنهن وٽ اچي گڏ ٿيا آهن. هوت پنهل جي محبت جو تير جن کي لڳو آهي، تن کي ئي اُن جي شدت جي خبر پيئي آهي. اي سرتيون، مون پنھنجو اهو ايڏو وڏو نقصان پاڻ ڪيو آهي، اهو هاڃو منھنجي ننڊ ئي مون سان ڪيو آهي.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 591
وِرْہُ جَنِ وَٿَانُ سُوْرُ سَلَامِيْ تَنِجُوْ﮶
جَنِ لَـکوْ تَنِ لَـکِئُوْ ٻَارُوْچَانُوْ ٻَانُ﮶
جٖيْڎِيٌ هِيُ زِيَانُ مُنْس﮼ نِسُوْرُوْ نِنڊَّ ڪِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विरहु जनि वथाणु। सूरु सलामी तनि जो।
जनि लगो॒ तनि लखिओ। बा॒रोचाणो बा॒णु।
जेडि॒यूं हीउ ज़ियानु। मूं सें निसोरो निन्ड किओ।
ROMAN SINDHI
wirah'u jan'ay wathaann'u, soor'u salaami tan'ay jo,
jan'ay laggo tan'ay lakhhi'o, Baarochaanno Baann'u,
jeddiyoo'n hee'u ziyaan'u, moo'n see'n nisoro ninD'a ki'o.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection