ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي ويڄ ۽ دارُين جو بيت
ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
سمجهاڻي
اي طبيب، تون پنھنجون اهي دوائون اجايو ضايع نہ ڪر، جو انهن سان ڪو افاقو ٿيڻ وارو ڪونهي. (توکي ڪھڙي خبر تہ) مون کي منھنجي محبوب جا اهي هنيل ڌڪ يا ڏنل زخم ڪيترا وڻندڙ ۽ دل گُهريا آهن.
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1228
وٖيْڃَہ وِڃَاءِ مَڊَبَرَا ڪَندَا ڪُوْنَ فَرَقُ﮶
مُنْـکٖيْ ٿِئَا مَرَڪُ سُپٖيْرِيَا جَا ڌَڪَرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेज॒ विञाइ म डबड़ा। कंदा कोन फ़रक़ु।
मूं खे थिआ मरकु। सुपेरियां जा धकड़ा॥
ROMAN SINDHI
WeJhh'a winjaaye ma DHabhrra, kanda kon'a faraQ'u,
Moon khe thiya marak'u, superiyaan ja dhakrra.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection