ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي ڏِيئا، تيل ۽ مھمان جو بيت
ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ،
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
سمجهاڻي
اي راڻا! آءٌ هر وقت تنھنجي راھ ويٺي تڪيان، تہ الله سائين توکي ڪڏهن منھنجن ماڳن تي موٽائي آڻيندو. اي سوڍل سائين! سچ پچ منھنجو ساھ تو وٽ آهي (تون ئي ان جو مالڪ آهين) نہ تہ ملڪ ۾ ٻيا بہ گهڻا راڻا آهن.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3802
وٖيْٽِيْ نِتُ نِھَارِيَا رَانَا تُھْجُوْ رَاہُ﮶
مُوْٽَائٖيْ مَاکَنِم﮼ آَنِيْدُوْءِ اَللہُ﮶
سُوْڊَا تُوْ کَرِ سَاہُ نَتَ رَانَا کَنَان رَاڃَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेठी नितु निहारियां। राणा तुंहिंजो राहु।
मोटाए माग॒नि में। आणींदोए अल्लाहु।
सोढा तो ग॒रि साहु। न त राणा घणा राज॒ में।
ROMAN SINDHI
Wethhi nitt'u nihariyaan, raanna tuhinjo raah'u,
Mottaye maggan me, Aannendu'e Allah,
SoDhha to ggar saah'u, na ta raanna ghanna raaJhh me.
TRANSLATIONS
O Rana! My eyes are expectantly fixed on your road at all times. May Allah return you to the same (old) place! O Sodha! My life is entwined with you; else there are lots of other Ranas too in the universe (i.e. O Allah! My devotion is to you alone vis-a-vis so many false gods and goddesses. (or) O Apostle! I am dedicated to you alone vis-a-vis so many other Prophets.)
نٹ اُڈیکاں بیٹھی کردی راہ تکاں میں تیرا
آیے رب لیاؤ تینوں پاویں گا گھر پھیرا
جان پران میرے توں سوڈھے رانے ہور بتھیرے
میں اسیرِ نگاہِ ناز ہوئی
ساری دنیا سے بے نیاز ہوئی
خلش انتظار سے حاصل؟
آرزو خود ہی چارہ ساز ہوئی
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection