ٻيا بيت
- سُر مارئي جَي مارُن جو حال جو بيت
وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
سمجهاڻي
منھنجو ملڪ ملير آهي، توڻي جو قسمت مون کي عمر بادشاھ جي ڪوٽ ۾ آڻي قابو ڪيو آهي. منھنجي دل ۾ هر وقت اها ئي تمنا (پلجي رهي) آهي تہ آءٌ پنھنجي پرينءَ سان گڏجي پنھنجي ديس پائر ۾ وڃي پنير وارو پاڻي پيئان، پر عمر جھڙاو امير مون سان نسورو ناحق پيو ڪري ۽ الله جو قسم هو مون کي زوري بند ۾ پيو رکي!
[روميءَ مثنويءَ ۾ حديث ’حب الوطن من الايمان‘ يعني وطن جي حب ايمان جو جز آهي جي سمجهاڻيءَ ۾ ان طرف اشارو ڏنو آهي تہ مؤمن کي اصلي وطن سڃاڻڻ کپي جيڪو اڳلو جھان آهي.
همچنين حب الوطن باشد درست،
تو وطن بشناس اي خواجه نخست.
(دفتر چهارم ب 223)
معنيٰ: ان لحاظ سان وطن جي حب صحيح آهي، پر تون پھرين اها خبر رک تہ اهو وطن ڪھڙو آهي؟]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वतनु मूं मलीरु। क़ज़ा आंदियसि कोट में।
अस्लि मूंहिंजे अंग में। जुड़िओ हो ज़न्जीरु।
चांक पीअंदियसि पिरींअ सें। पाउर जो पनीरु।
हाञा किओ हमीरु। बिल्लाहि ने थो बंद में॥
ROMAN SINDHI
watan'u moo'n Maleer'u, qazaa aandiyas'ay kott'a mayn,
asal'ay munhinji ang'a mayn, jurri'o ho zanjeer'u,
chaank piyandiyas'ay pireen'a see'n, paa'ur'a jo paneer'u,
haanjaa ki'o Hameer'u, Ballah nay tho band'a mayn.
TRANSLATIONS
My homeland is Malir. It is the fate that has dragged me into this fortress. I wished to drink the cheese like water of the desert with my beloved. The Amir however, blasted my career and I realized by Allah that he was taking me to a prison house.
My homeland is Maleer, it is fate that has brought me here in
this fortress,
I will drink paneer of pour with my beloved,
By God, Hameer has done me great harm by imprisoning me.
پی اپنے دی سیو کراں میں ایہو لگن سمائی
ہونی میری دھوکے وطنوں ہائے کوٹ آلیائی
بندی دی وچ پاکے مینوں سومرا قہر کمایا
بد نصیبی ملیر سے مجھ کو
ہائے اس کوٹ میں پکڑ لائی
چیرہ دستی مجھے ’ہمیروں‘ کی
ایک زنجیر میں جکڑ لائی
سوچتی تھی وطن نہ چھوٹے گا
دیدۂ و دل حکایتیں کیا کیا
قید میں قسمت لے آئی ہے، میرا دیس ملیر،
جاکر پی کے سنگ پیئوں گی، پائر کا میں پنیر،
کیا ہے ظلم امیر، لے آئے اس قید میں۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection