ٻيا بيت
- سُر سريراڳ جَي جيين ۽ جھاز جو بيت
وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا،
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ،
اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.
سمجهاڻي
اهو (طوفاني) واءُ لڳڻ بند ٿي ويو جنھن کان ملاحن ۽ ناکئن کي سخت ڊپ هيو. ڪُنن جو زور وارو پاڻي بہ لھي ويو ۽ سمنڊ جو وڏو چڙهندڙ طوفان بہ ماٺو ٿي ويو. اي سامونڊي ساٿيو، شل توهان جو گذر اهڙن (سولن) تڙن تان ٿئي جيئن توهان کي (مصيبت ۽ تڪليف بجاءِ) سک جو ساھ نصيب ٿئي.
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1384
وِسَانُوْ سُوْ وَاءُ جِهْپَرِ ڊِجَنِ نَاکُئَا﮶
پٖيْئِيْ ڪَرَ ڪُنَنِم﮼ اُجَانُوْ اُوْرَاءُ﮶
اَچُوْ اِنَ تَرَا تَہ سَامُوْڊِيْ سُتَرِ ٿِيُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विसाणू सो वाउ। जिंहिं भरि डिज॒नि नाखुआ।
पेई कर कुनन में। उझाणू ओड़ाहु।
अचो इन तड़ां। त सामूंडी सुतड़ि थिओ।
ROMAN SINDHI
Wisanno so wah Jehn par DhhaJan nakha,
Peiye kar kanan me AJhano uraah,
Acho unn taran,, ta samondhi satar thiyo.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection