ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جو بيت
وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران،
اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.
سمجهاڻي
مون کان تہ پڙهيل سبق ئي وسري ويو ۽ ان جي پهرين سٽ بہ هن مھل تائين ياد ڪانهي. مون کان اهو (ظاهري علم وارو) پھريون پنو ئي پڙهڻ نٿو پڄي (اهو بہ نہ پڙهي سگهيو آهيان)
[مثنويءَ ۾ ان علم جي سمجهاڻي هن ريت ڏني ويئي آهي تہ جيڪو علم اهل دل کان حاصل نٿو ٿئي اهو دل تي بار ئي رهندو.
علمهائي اهل دل حمال شان
علمهائي اهل تن احمال شان
(دفتر اول، ب-3446)
معنيٰ: اهل دل وارن جا علم هنن لاءِ پاڻ سواريءَ جو ڪم ڏين ٿا. ليڪن اهل ظاهر وارن جا علم هنن لاءِ پاڻ وڏو بوجهہ ۽ بار آهن.]
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1025
وِسَرِئُوْمِ سَبَقُ پِھْرٍ سِٽَ نَہ سَڀِرَان﮶
اَڃَا هِيُ وَرَقُ هَيْ مُطَالِعُ نَٿِيٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विसरिओमु सबक़ु। पिहरीं सिट न संबिरां।
अञा हीउ वरक़ु। हे मुतालिउ न थिए॥
ROMAN SINDHI
Wisryom sabaQ'u, perheen sitt'a na sanbraan,
Anja hee'a waraQ'u, haye mutali'u na thiye.
TRANSLATIONS
It is tragic that I have forgotten the convenant with Allah, or as a matter of fact even its first line (or its context), which I had ratified on the day of Allah’s contact with my soul and His address to it. The pity is that I have not even cared to read the relevant tablet. (This reflects supercillous ignorance and indifference on the part of man), (or) I have had no time to read fully the page of union with Allah.
I forgot the lesson, even its first line I don't remember,
The pity is that I have not been able to read the first page.
روز ازل دے پڑھیا جیھڑا، سبق بھُل گیا سارا
اک ھی ورق نا چیتے ہندا ہائے! کراں کی چارا
وہ سبق جو پڑھا تھا روز اوّل ایک بھی سطر اس کی یاد نہیں
یہ اسی بھول کا ہے خمیازہ کوئی مجھ سا بھی بے سواد نہیں
پہلی سطر بھی یاد نہیں ہے، سارا سبق بُھلایا،
میں تو پڑھ نہ پایا، یارو! ورق وصال کا۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection