ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي ويڄ ۽ دارُين جو بيت
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
سمجهاڻي
اي طبيب، تون پنھنجي اها طبابت واري ڄاڻ ترڪ ڪر، توکي اسان جي سور جي سبب جي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي (تہ اهو ڇا جي ڪري آهي). اهي جيڪي تون پنھنجي هٿن سان (ملي ۽ مهٽي) گوريون ٺاهي کڻي آيو آهين، اهي وري ٻين پراڻين گورين سان ملائي بند ڪري وڃي رک (بلڪ جيڪڏهن توکان ٿي سگهي تہ) اهو سڄڻ آڻي ڏي، جيڪو منھنجي هن آزار کي صحيح سمجهي سگهي ٿو.
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 1227
وٖيْڃَہ وِڃَايٌ ڇَڎِ دُوْرِ ڪَرٖيْ ٻِئَا ڊَٻَرَا﮶
آَندِيُئِى جٖيْ اَکَنِ لَئِى سٖيْ کُوْرِنِ کَڎِ﮶
صَاحِبُ سُوْئِيْ سَڎِ جُوْ پَرَکَا لَھٖيْ هِنَ پِيْرَ جِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेज॒ विजा॒ऊं छड॒। दूरि करे बि॒आ डबड़ा।
आंदियई जे अघनि लए। से गोरियूं गोरियुनि गडु॒।
साहिबु सोई सडि॒। जो परखा लहे हिन पीड़ जी॥
ROMAN SINDHI
WeJhh'a wiJhhaoon chhaD, door kare Biya DHabhrra,
Aandeyi je aghan lae, se goriyoon goriyun gaD,
SaHib'u soyi saD, jo parkha lahe hin'a peerr'a jee.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection