ٻيا بيت
- سُر ڪارايل جَي پاڙين پاتار ۾ جو بيت
وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو،
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
سمجهاڻي
سهڻي ۾ سهڻا (خوبصورت) ھنجهہ (ساون ۽ سهڻن کنڀن وارا مورَ هَنجَهہ) ڪڏهن جو مري ويا ۽ ٻيو ڪو عام ھنجهہ بہ باقي نہ بچيو آهي. انهيءَ ڪري هر هنڌ ڪُوڙا ڪَنگَ پکي پيا نظر اچن. (انهن ئي اچي اهي هنڌ ۽ ماڳ والاريا آهن).
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هنن لفظن ۾ ملي ٿو:
چونکه زاغان خيمه بر گلشن زدند،
بلبلان پنهان شدند و تن زدند.
(دفتر دوم، ب- 40)
معنيٰ: جڏهن کان ڪانون اچي گلشن ۾ ديرو ڄمايو آهي تہ بلبليون ويچاريون لڪي ڇپي ويون آهن.]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
विआ मोर मरी। हन्जु न रहिओ हिकिड़ो।
वतनु थिओ वरी। कूड़नि कांयरनि जो॥
ROMAN SINDHI
Wiya mor'a maree, hanj'a na rahiyo hikrro,
Watan thiyo waree, korran kaneran jo.
TRANSLATIONS
All Peacocks and geese are dead. Not one single goose survives now (i.e. all prophets have departed from the world). The world is now inhabited by malafide Kanero birds (i.e. by the hundrum type of materialist persons).
The lovely peacock are all dead, not one swan remain,
Crafty snipes ones again inhabit my native land.
All peacocks are dead, not a single swan is left,
The homeland is occupied by false water fowls.
طواويس ماتت ولم تبق وز واحد فى الوقت الحاضر.
هذا الوطن والبلد صار بلد الكذابين والخادعين والخسيسين.
ہنس رہیا نہ اک وی، مور گئے سبھ مر
وطن تھیا اے فیر، کُوڑیاں بگلیاں دا
ہنس اور مور تو کہاں ہیں آج
جھوٹے کووں کا ہے وطن میں راج
ہنس رہا نہ کوئی اب تو، مور بھی مرگئے سارے،
پنچھی طرح طرح کے اب ہیں، وطن کو گھیرے۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection