ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي سيءَ ۽ جهيڙا جو بيت
وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
سمجهاڻي
وڻجارو وري صبح جو سوير اسر ويل ٻيڙيءَ جا لنگر کڻي روانو ٿي ويو. هن جي ٻيڙيءَ جون (پاڻيءَ ۾) اوليون ڏسي منھنجو جيءُ جهري پيو. آءٌ سامونڊين کي ياد ڪندي وڌيڪ جيئري رهي ڪانہ سگهنديس (انهيءَ ماڳ تي ئي) مري ساھ ڏينديس.
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1494
وَنِجَارٖيْ وَرِيْ پِرْہَ پَکَهْ ڇُوْرِئَا﮶
اُوْلِيٌ پَسِيْ اُنِجِيٌ پِئَمِ کَچَہ کَرٖيْ﮶
وٖيْدِيَسِ مَاءَ مَرِيْ سَارٖيْ سَامُوْڊِيَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वणिजारनि वरी। पिरिह पग॒ह छोड़िआ।
ओलियूं पसी उनि जूं। पियमि ग॒च ग॒री।
वेंदियसि माअ मरी। सारे सामूंडियनि खे।
ROMAN SINDHI
Wanjaaran wareye, parah paggah chowrheyaa,
Awleywoon pasey unn jowoon, peyem gitch gareey,
Weindeys maau maree, saarey samundhyen khey.
TRANSLATIONS
The traders again released the hawsers at dawn time. Seeing them at the oars my heart sank within me. O mother! I would die remembering the seamen.
sailors at dawn, boat's anchor weighed,
Seeing them go, many tears I shed,
I will not live long, after they have left.
The sea traders again untied hawser at dawn,
Seeing them at oars, my heart was torn with anguish,
O mother, I will die thinking of the mariners.
البحارون فكوا حبال المرساة فى وقت السحر رأيت شدائدهم ومخالفائهم إرتعش وإرتجف قلبي يا أماه! أنا أموت فى ذكريات التجارين.
لنگر چُک ونجارے ٹُرپئے جد سی پاٹی لوئی
چپو دیکھ اونہاں دے چلدے میں گچ بھرکے روئی
مر جاں گی میں یاد کریندی مائے نی ونجارے
سحر ہوتے ہی پھر تیار ہیں یہ
بڑے ظالم ہیں یہ بحری مسافر
کہاں تک میں کروں گی یاد ان کو
مجھے تو مار ڈالیں گے یہ تاجر
بنجاروں نے کھول دیئے، پھر سے صبح پھریرے،
لہراتے وہ بادبان، دیکھ کے جیئرا روئے،
مارے گا اب موہے، اے میا!، درد فراق کا۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection