ٻيا بيت
- سُر مارئي جَي مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو جو بيت
وَنھِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاھِي ھُئانِ جٖي،
سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.
سمجهاڻي
(مارئي ياد ٿي ڪري) ماروئڙن جا گهر توڻي سندن مال جا ماڳ سکيا سرها ٿي پيا آهن، جيڪي هن کان اڳ ڏڪار ۽ ڏولائي زبون ۽ تباھ ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي وري ماروئڙا انهن ساڳين ماڳن تي وڃي پنھنجا اجها پيا اڏين ۽ اهي ڀاڳين جي رهڻ ۽ مال جي ويھڻ جون جايون ٺيڪ پيا ڪن.
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3343
وَهِيَان ٿِيَنِ وَٿَانَ ڎُوْکَاهٖيْ هُئَانِ جٖيْ﮶
سٖيْئِيْ ڀٖيْرِيٌ ڀَانَ مُوْٽِيْ مَارُوْئَرَنِ اَڎِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वंहियां थियनि वथाण। डो॒गाही हुआनि जे।
सेई भेणियूं भाण। मोटी मारूअड़नि अडि॒आ॥
ROMAN SINDHI
wanhiyaa'n thiyan'ay wathaann'a, ddogaahi huaan'ay jay,
se'ee bhenniyoo'n bhaann'a, motti maaroo'arran'ay addi'aa.
TRANSLATIONS
Would that the cattle pens, which were depleted sometime ago, be again rehabilitated; and may the huts be restored on the same places as before!
May the cattle pens that were desolate, be reinhabited,
And herdsmen return to rebuild these deserted huts and settlements.
ہو آباد وہ بستی، جہاں تھے وہ آباد،
آکے پھر وہ بسائیں اور ہوجائیں پھر شاد۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection