ٻيا بيت
- سُر سريراڳ جَي اجگر لھرين ۽ جھاز جو بيت
وِيرِ وَرَندِيَئِي ويسَرا، اُٿِي توھُ طَلَبِ،
سائِرَ ڪَنھِن سَبَبِ، ڪالَهہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.
سمجهاڻي
اي غافل (جيڪڏهن تنھنجو اهو حال آهي تہ پوءِ) سمنڊ جي وير تو مٿان ضرور چڙهي ويندي. هاڻي بہ غفلت ڇڏ، اٿي مالڪ سائينءَ جي مدد ۽ فضل طلب ڪر. ڪالهہ بہ سمنڊ ڪنھن سبب (رب تعاليٰ جي خاص فضل ڪري) توکي ڪنن ۾ نہ ٻوڙيو.
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1358
وِيْرِ وَرَدِيَئِى وِيْسَرَا اُٿِيْ تُوْہُ طَلَبِ﮶
سَائِرَ ڪِهْ سَبَبِ ڪَالَ نَوِڌِہْ ڪُنَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वीरि विंदियई वेसरा। उथी तोहु तलबि।
साइर किंहिं सबबि। कालह न विधुइ कुन में।
ROMAN SINDHI
Weer warandeyi wesara, uthee toh'u Talab,
Saair kenhn'a sabab, kaalh'a na widhu'e kun'a me.
TRANSLATIONS
O negligent man! The surge will surely submerge you. Bestir yourself and seek mercy (of Allah). Yesterday due to certain circumstances, the sea did not swallow you up in its eddy. (Do not have a false sense of security that since Allah’s retribution has not seized you so far, you would be immune from it).
دوبارہ ہم در آویزد بہ تو گرداب فکرش کن
گذر از خواب بر خیزد بکوش امروز ای غافل
تو دیر وز اتفاقاً از تلاطم باز گردیدی
دگر ہمت بہ محنت تا شوی پیروز ای غافل
سنبھل غافل لہراں اُٹھن، اُبھر اُبھر آون
رحمت منگیں ڈاڈھے رب توں، آوے آپ بچاون
ذرا اے ناخدا ہشیار رہنا
تلاطلم خیز ہر موج بلا ہے
وہاں ڈوبے ہیں کتنے ہی سفینے
جدھر تو نائو کو لے کر چلا ہے
جہازوں کو کیا ہے غرق جس نے
تجھے بھی اس بھنور کا سامنا ہے
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection