ٻيا بيت
- سُر بلاول جَي مجوسِي، ڄام ۽ جادم جو بيت
ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين،
ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ،
لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.
سمجهاڻي
اهو سخي ۽ ڏاتار ماڻڪ موتي ڳَنڍين ۾ ٻڌيو پنھنجي هٿن سان پاڻ پيو ورهائي. هن وٽ سخاوت کان زيادہ ٻيو ڪو گُڻ ۽ ڪرامت ناهي ۽ نڪي ٻيو ڌنڌو ۽ واپار ڄاڻي. بيشڪ! هن وڌ کان وڌ سخي انسان جي آمد سان هر قسم جا ڏک ۽ ڏڪار لھي ويا (هر هنڌ سُڪر سَڻائي ٿي ويئي).
گنج ۾، سرود بلاول، بيت نمبر : 3611
وٖيْٽُوْ ڎٖيْ ڎَاتَارُ ٻَڌِئُوْ مَانِكَ مُوْرِي﮼﮶
ڪَمُ نَڃَانٖيْ ڪٍ ٻِئُوْ وِڄَا جُوْ وَاپَارُ﮶
لَٿُوْ ڎٖيْهَ ڎُڪَارُ جُنکَہ سَامَانٖيْ جَکِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेठो डे॒ डा॒तारु। ब॒धिओ माणिक मूड़ियें।
कमु न जा॒णी की बि॒ओ। विजा॒ जो वापारु।
लथो डे॒ह डु॒कारु। जुंग सामाणे जखरे।
ROMAN SINDHI
Wethho De Dataar'u, Badhiyo maanik'a moorreen,
Kam'u na Jhhannee kee Biyo, wiJhha jo wapaar'u,
Latho Deh'a Dukaar'u jung'a samaannee jhakhre.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection