ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ جو بيت
ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا ھُئِي،
پُنهونءَ کي پيئِي، رُوَندِي ڪيرَ رَتُ ڦُڙا.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) رنڙ زالون (جيڪي پنھنجي مڙس يا ڀتار جي مرڻ تي ڏک ۾) جيڪا ووءِ ڪنديون آهن، پڻ منھنجي وس کان نڪري ويئي آهي ڇو تہ مان پنهونءَ جي لاءِ هن جي جيئري جدائي ۾ ايترو رني آهيان، جو منھنجا ڳوڙها خشڪ ٿي ويا آهن. هاڻي هن کان پوءِ باقي هن لاءِ ٻي ڪير روئيندي (جڏهن منھنجي اها روئڻ جي طاقت هينئر ئي ختم ٿي چڪي آهي).
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वौए वौए पणि वेई। रनुनि कारणि जा हुई।
पुनुहूंअ खे पेई। रूंदी केर रत फुड़ा।
ROMAN SINDHI
woo'ay woo'ay punn we'ee, runan'ay kaarann'ay jaa hu'ee,
Punhoon'a khhay pe'ee, ru'wandi ker'a rat'u phurraa.
TRANSLATIONS
Woe is me! Even the conventional wailing of a widow has ceased with me (possibly due to excessive lamentations). Who would, under the circumstances, shed tears of blood for Punhoo?
رو رو اکھاں دے ہن میرے ہنجو سُکے سارے
رویا ناہن جائے میتھوں مُکے ٹیک سہارے
آہ و بکا بھی کم ہوئی جو، کرنی تھی بیوہ،
پنہوں کو کس نے پایا، خون کے آنسو روئے۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection