ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُينءِ جو بيت
وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.
سمجهاڻي
(اي طالب) سنئين راھ وٺي هلندو رھو ۽ ٻئي ڪنھن طرف ڏانھن پنھنجو منھن ڦيري نہ ڏس (ٿوريءَ دير لاءِ بہ هيڏانھن هوڏانھن ڌيان نہ ڪر). اڄ يا سڀاڻي (وڌيڪ مھلت ڪانہ ملندئي) توکي هو وڃي مٽيءَ ۾ پوري ايندا.
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3851
وَٽِئُوْ وَڃِجِ وَاٽَ ڪَنڌُ مَڤٖيْرِجِ ڪٖيْڎَہٍ﮶
اَڃُ ڪِ سَنجَّہ صَبَاحَ نٖيْئِيْ ڌَرِيْدَءِ ڌُوْرِ م﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वठिओ वञिजि राह। कंधु म फेरिजि केड॒हीं।
अजु॒ कि संझ सबाह नेई धरींदइ धूड़ि में।
ROMAN SINDHI
Wathhiyo wanjij raah'a, kandh'u ma Pherij keDaheen,
AJhh ke sanJh'a SubaH'a neyi dhareendh'e dhoorr me.
TRANSLATIONS
Never turn away your face but stick to the straight path, because either this evening or tomorrow morning you would be laid down in dust (i.e. be buried in grave).
Note: In the above verse, Shah advises the seeker to stick to the path of Sharah and not to go wayward, as the life in this world is extremely short.
ہشدار کہ سیلاب فنا درپیش است
Beware! The flood of mortality is ahead of you.
Never turn back, go straight on the path,
Today or tomorrow they will lay you in dust.
ایتھے راہوں بھٹکی ناہیں مرشد تیرا رانا
اج بھلکے تے سنجھ سویرے تیں مِٹی ہوجانا
جاے عبرت یہ دار فانی ہے
ہر تگ و تاز آنی جانی ہے
سوچتا ہوں قدم قدم پر میں
پیچھے پیچھے کوئی جوانی ہے
کتنی آساں ہے اجل کی راہ
کتنی دشوار زندگانی ہے
سیدھی راہ چلی چل! پھیر نہ تو گردن،
کریں گے یار دفن، آج یا کل اس دھرتی میں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت

سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection