ٻيا بيت
- سُر يمن ڪلياڻ جَي وايين جي وائِي
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
سمجهاڻي
اي طبيب، تون هاڻي مون وٽ نہ ويھ (مون کي تنھنجي ضرورت ناهي) منھنجي دل جا دلبر ڄاڻ منھنجي اڱڻ آيا، منھنجا رهبر سڄڻ مون وٽ پھچڻ وارا آهن. جيتوڻيڪ طبيبن پنھنجي پاران منھنجي مرض ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ۽ گهڻا جتن ڪيا. (پر مرض ڪونہ ٽريو). اي طبيب، آءٌ ڀلي چڱي ڀلي نہ ٿيان، پر تون مون کي ڪا سُتي ڦڪي نہ ڏي.
شال سڄڻ منھنجي خبرچار لھڻ منھنجي گهر اچي. اهو ئي سڄڻ مهربان ٿي علاج ڪندو ۽ پنھنجي رحمت سان نوازيندو.
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वैज॒ म मूं वटि वेहु। आया जानी मूं घरि आया। आया हादी।
वैज॒नि वडा॒ई वस किआ। मरिज़ मुहिंजे खे।
बु॒के डीं॒दा बा॒झ जे। संदो रह्मत रेहु।
मरु चङियाई न थिआं। वैज॒ म बु॒की डे॒।
कर लाहू थी कडि॒हीं। अङणि शाल अचे॥
ROMAN SINDHI
wejj'a ma moo'n watt'ay weh'u, aayaa jaani ghhar'ay aayaa, aayaa haadi,
wejjan'ay waddaa ee was'a ki'aa, marz'a munhinjay khhay,
Buki ddeendaa Baajh'a jay, sando raHmat'a reh'u,
mar'u changiyaa'ee na thiyaa'n, wejj'a ma Buki dday,
kar'a laahoo thi kadd'hee'n, angann'ay shaal'a achay.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)
Lexical Density of this Vaa'ee
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection