ٻيا بيت
- سُر آبڙي جَي ويھُ مَ مُنڌ جو بيت
ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ،
سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.
سمجهاڻي
او سسئي! تون چپ ڪري هڪ هنڌ ويھي نہ رھو، بلڪ ڳولها خاطر سڀني کان پڇائون پيئي ڪر. جيڪي سمهي پون ٿيون، (غفلت ڪن ٿيون)، انهن لاءِ ڳڻتي ۽ ڏک، سوچ ۽ ڊپ ئي آهي. بيشڪ ڪيچ ڌڻي يعني پنهون تہ پنھنجا سڀ جا سڀ واعدا پورا ڪري ٿو.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 886
مَوِہُ مُنڌَ مَاٽِ ڪَرٖيْ اُٿِيْ وِجُ وَرُوْلَ﮶
سُتِنِ تَا سَيِّدُ چٖيْ هَمَ غَمَ اَچَنِ هَوْلَ﮶
ٻَهٌ پَارٖيْ ٻُوْلَ ڪَامِلُ ڌَنِيْ ڪٖيْچَ جُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेहु म मुन्ध माठि करे। उथे विझु वड़ोल।
सुतियुनि तां सयदु चए। हम ग़म अचनि होल।
ब॒हूं पारे बो॒ल। कामिलु धणी कैच जो।
ROMAN SINDHI
Weh'u ma mundh'a maaThh'ay karay, uthee wijh'u warrol'a,
Sutiyun'ay taan Sayyad'u chae, ham'a gham'a achan'ay hol'a,
Bahoon paari Bol'a, kaamil'u dhanni kech'a jo.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection