ٻيا بيت
- سُر ڏھر جَي نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ جو بيت
ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ نَہ اَچي ڪَڏِھِين،
ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.
سمجهاڻي
جيڪا ’ڪالهہ‘ گذري ويئي سا وري ڪڏهن موٽي نہ ايندي (گذريل ڏينھن موٽڻ وارو ناهي). ’ڪالهہ‘ واري ’ڪالهہ‘ کان وٺي (اڄ تائين جيڪو صبحاڻي وري ڪالهہ ٿي ويندو) ائين ورهين جا ورهيہ گذري ٿا وڃن.
[مثنوي روميءَ ۾ ان ڳالهہ کي هن ريت ورجايو ويو آهي:
هين مگو فردا که فردا ها گذشت،
تا بکلي نگزرد ايام کشت.
(دفتر سوم، ب-1269)
معنيٰ: خبردار، ’صبحاڻي‘ نہ چئو، ڪيترا ’صبحاڻي‘ گذري ويا، ڇو تہ ائين ڪندي پوک پوکڻ جو وقت بلڪل گذري نہ وڃي.]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 2999
وٖيْـئِيْ ڪَالَ هَٿَا سَا ڪَالَ نَہ اَچٖيْ ڪَڎِہٍ﮶
ڪَالُوْنِيَ ڪَالَا وِڌُوْ وِچُہ وَرِهَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेई कालह हथां। सा कालह न अचे कडि॒हीं।
कालुहोणीअ कालहा। विधो विचु वरिह्यनि खे॥
ROMAN SINDHI
Weyi kaalh'a hathaan, sa kaalh'a na ache kaDheen,
Kaluhonnee'a kaal'ha, widho wich'u warhiyan khe.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection