راتِ بابت
معنيٰ
سانجهي، سنجها، سج لٿي کان سج اڀرڻ وارو عرصو، شب، ليل، اوندھ، ڪاراڻ.
Night

بيتن ۽ وائين ۾
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ، پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ، پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڌات، جاڳَڻُ جُسَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڪَلاڙَنِئون ڪا، مَتِ نَہ سِکِيين مُون ھِنيان، رُوندي راتِ وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ، آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ، مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ، مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ، جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ، مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ، ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ، ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون، سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ، ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ، مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ، توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ، اِيَھِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ، چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي، چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھو نَہ ڪيڪانُ، پيرين آئوُن نَہ پُڄِڻِي، جو مُون راتِ رَساڻي پِرِينءَ کي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ، مُون نَہ وَھِيڻُو پاڻُ،…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون ھِينئَڙو جَهلِئو، وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ، چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين، تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين، جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي، ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو، اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ، ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سُونھان سُڌِيُون ڏِيِنِ، اِنَ ديواني دَرياھَ جوُن، ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ، عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين، جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين، مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيون، سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي، سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي، وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ، سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ، وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ، سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ، اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ، عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي، ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گهِڙي وَسَندي مِينھَن، ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن، جَنھِن کي راتو ڏِينھَن،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ روئي ۽ راتِيان گِهڙي، وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن، ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سَندو ڏَمَ ڏَھڪار، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِنَ کي، پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ، ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ، ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ، شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ، نَڪِي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي، چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي، ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي، اِيءُ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ، وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ، مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، مَٿان وَسِئو مِينھُن، ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن، شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- راتِ اُنداھِي ريءَ گهَڙي، نَہ ھِينئَڙي آڏِي اَڏَ، ساھَڙَ سُڻجِ سَڏَ، تو اَھارَ تارِ تَران.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري، روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ، عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳِي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- وَرُ اُونداھِي راتِڙِي، چانڊوڻِي چَنڊان، اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي اَڌ راتِ ، پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- سَتِي ٿِيءُ مَ سُهڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ، چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ راتِ اُٿيجِ، ريھِين ٻارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- وَڃي سا راتِ وِھاڻِي، ريءَ پَسَڻَ پِرِينءَ جي، ھِھَڙا اوڏا سُپِرِين، توکي نِنڊَ رِھاڻِي.[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ، روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ، وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين، سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ، سَراھِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي، مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ، ڪامِلَ ڪَپاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جهاتِ، اَچين جي پِرِڀاتِ، تَہ آئُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اُتَران جو آيو، تَنھِن ڪَڪَرَ لاٿَمِ ڪَسُ، وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جوراڻِي جَسُ، ڪيسَرَ جي قَلاتَ ۾، راتِ تَنِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ، گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ، جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ، ڪُلَها…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ، اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ، عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ، پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ، جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا، دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي، شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون چانگارِينِ، شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ، مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ، جيڏِيُون…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا، ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي، جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا،…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ رَتُ ڦُڙا، لَنڊِنِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا، مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينھَن، اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھَران واھَ وِڙَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا، راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويون ٿِئُمِ پَساھُ، سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ، شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ، بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاري رَنگِ، ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ، رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ، پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي بوتا، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا، مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ، جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ، ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا، اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا، ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا. ڳاڙِيَم ٿي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ، وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ، ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ، پُنهون…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، چانگَنِ تي چَڙِھِي، ڪِئان ٿِي ڪوھِيارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي، وَڃِي وَرُ وَڻِڪارَ ۾، گهاري مانَ گهڙَي،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ، وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ. پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ، رَندَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا، وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا، ھَي ھِنيين…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري، چَڙِهئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَنواري، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھاري، اَدِيُون اوتاري راتِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ مَھارُون، وِجِهئو ھَٿَ واڳَنِ ۾، ڪَري ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪارَ ۾، چانگَنِ چانگارُون، ڪِئَمِ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪاھي ڪيچِ ڪَنواٽَ، لَنگهِيائُون لَطِيفُ چئَي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهاٽَ، وَٺِي وِئا وِصالَ ۾، وَحدَہٗ جي واٽَ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ، وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ، اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا راتِ، بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجان گهَڻِي ذاتِ، آئُون پيرَ کَڻان پِرڀاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، وارِيان تان نَہ وَرَنِ، حَيفُ پُڄاڻا ھوتَ جي، گهارَڻُ مَنجِهہ گهَرَنِ، لُڇان لَئي ليڙَنِ، راتِ نَہ رَھِئا…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، مُٺِي آئُون مَعذُورِ، رَڙان رُوئان جيڏِيُون، سَڙان اِنَهِيءَ سُورِ، ڏيھُ جَنِي جو ڏُورِ، سي راتِ نَہ رَھِئا…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي، سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي، وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو، راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي، ھِيءَ رَضا…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- نَڪَ ناڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ مَھارُون، لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون، ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ، ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ، ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀَيئِي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي، صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- آيا اوٺِي اُٻَھَرا، ليڙَن تان لَهِي، اُنِ راتِ ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي، ساھُ ئِي ڪَمُ رَوان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ، ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- بُرو فازا بات جَنِي، سِيروُزي شِيشِي، ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي، ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي، پُنهون پَرويشِي،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو، بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جيءَ تاتِ،…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئاءِ، قُم ٿِي پَھچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳاءِ، مُٺِي مَھمانَنِ سين،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ، اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇِين پِرِڀاتِ، ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي، ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي، ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ مارِيَسِ سُورَ، آڌِيءَ راتِ اُڌَمِئو، ڏينِ پَلِٽا پُورَ، جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ مارِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِئو، رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو، مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙِھي اَڱُ، اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- جِيئَن جِيئَن ڀِڄي راتِ، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڀورِيءَ ٻِي نَہ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- پاڙي ناھِ پَروڙَ، تَہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ، ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان، ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ، ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏُکَ رُئان سُورَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، اَڌَمِئو آڌِيءَ راتِ جو، پُومِ پَلَٽِئو پُورَ، ھِڪَ آئُونُ مَعذُورِ، ٻِئو ھَٿان مُون ھوتُ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوھِيارِي ڪَنجِرو، ڀينَرُ ڀِڄايومِ، سُڀاڻي سُورَنِ سين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا، جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ راتِ، پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون، ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اللهَ واري آڻِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڪوھِيارِي جي ڪاڻِ، ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَل سين، رائي مَنجِهہ رِھاڻِ، رِڻُ جهاڳِندِيَسِ راتِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- پاٺُ پِھرِينءَ راتِ ۾، ڳَڙَه پاسي ڳايو، پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو، سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ٻِيجَلَ کي ٻِيءَ راتِ ۾، سَڏايو سُلطانَ، تَہ اَڳي ڪو نَہ آيو، ڪو ڀيرِ تُنھِنجي ڀانَ، جانِئان جِيءُ جُدا ڪِئو،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- راجا کي ٽِينءَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻِيجَلَ، سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ، آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ، ڳاَيائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ، صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ، وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چارَڻَ تُنھِنجي چَنۡگَ جو، عَجَبُ آھِمِ اِيءُ، جِيئَن ھَڻين اُڀو ھَٿَنِ سين، جِيئَرو رَکِئو جِيءُ، راتِ مُنھِنجو رِيحُ، ڪاٽِئو تو…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راجا راتِ رَمِ ڳيَو، جُهونا ڳَڙُه جهوري، ڏِنُو سِرُ ڏِياچَ، ڪُلَهنِ تان ڪوري، وَٺُ مَٿو تُون مَڱڻا تَندُنِ سان توري،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ ڀَرِ ڳايائِين، اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين، تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍِٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ، سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ، ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي مُنجهائي مَيَنِ کي، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين، رُئَڻُ سَڄِيائِي راتِ، اُٿِي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي راتِ مَ رَنڊِ، سَڄَڻَ اُلَٿِيُون ڇَنڊِ، اورِ تَہ ٺَرَنِ اَکِيُون.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾، رُسِي رَنڊِ مَ راتِ، اَسِين تائِبَ تُنھِنجا، تُون زوراوَرِ ذاتِ، سَڄَڻَ گَهڙِي ساعَتَ، اورِ تَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي، موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي، راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، لُڌا وِئا لَڙِي، موٽُ مُئِيءَ جا وَلَها، چانگي تي چَڙِھِي، راڻِي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي، راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي، کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِهہ ڪَري، سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري، وَڃِي مانَ وَري، آسائِتِيءَ آھِيان.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا ويٺِي سارِئان، سَھِسين سِجَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون، ڪوڙيِين مُون ڪاڻِيُون، ڍولِئا ڍَڪي آءُ تُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتِ گهَڙِجي نِينھُن، نَہ ڪا راتِ نَہ ڏِينھَن، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ، لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ، ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اچِي پَسو جيڏِيُون، جيڪِي رائي راتِ ڪِئو، لَڳِئَمِ نائُڪَ نِينھَن جِي، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، سوڍي سِرُ نِيو، نا تَہ مُون…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ، راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا، مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان…[ سُر راڻو - وايون ]
- موُن سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي، رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ، تَنِي جِي ساڃاءِ، تُرَھو ٿِيندِي…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ويُون پَٻِ پَئِي، کيرُون کاھوڙِيَنِ جُون، آئُون تَنِ ڏوٿِيَڙَنِ جو، پُڇان ڪيرُ پَھِي، رِڃُنِ راتِ رَھِي، جَنِي ڏُونگَرَ ڏورِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾، راتِيان رُڃ رَھَنِ، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- اُٿِئو اُٿِئو ڪَنِ، ھلو ڏورِيُون ڏُٿَ کي، پاڻِي پوٽَڙِيَنِ ۾، ڪُونڌرَ سِر ڪُلَهنِ، ڏورا ڏُورِ سُڄَنِ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- وَرُ سا ڪارِي راتِ، جَنھِن ۾ راھَ گُمُ ٿِئي، ھِيءُ پُڻ وَڃي وِسَرِي، نَہ ڪا ھُنَ جِي تاتِ.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ، جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- وَسائِيندَڙِي مِينھَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينھَن، اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُدائِتا مِينھَن، مُون…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين، ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ، اويُون آرِياڻِيءَ جُون،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي، سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي، ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٻاوِيھين ٻاڻُ لَڳو، آديسِيَنِ اَچِي، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، مَنجهان مَچَ مَچِي، لانگوٽِئا لالُ ٿِئا، اِنَهِينءَ پَهِہ پَچِي، ھَلِئا وِئا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَڙولَ، اُٿِي آڌِيءَ راتِ جو، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، ڳوٺِ ڪِجا اُنِ ڳولَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو، نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ، راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَنھِن ڪارَڻِ جوڳِي ٿِئا، جانۡ جانۡ سو نَہ پَسَنِ، تانۡ تانۡ سَناسِيَنِ، وِرِھَ وِھامي راتِڙِي.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- آيَلِ آديسِيَنِ جُون، اَڌَ لَڳِيُون آھِين، وِھو وِھائِينِ، ڪا قَضاني راتِڙِي،[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي، راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي، جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا، ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- راتِيان رُڻ جُهڻ رامَ سين، ڏِينھان ڪَنِ سَنانُ، جوڳِي سي اَنانُ، وَٿُون جَنِ وِرائِيُون.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ، وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ، مَھيسِي…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- رَھِئا اَٿيئِي راتِ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، لُنءَ لُنءَ مَنجِهہ لَطِيفُ چئَي، ڪَرِ تَنِ جِي تاتِ، سَندِي جوڳِيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي جوڳِيَنِ ذاتِ، ساري سَناسِيَنِ کي، رُنُمِ سارِي راتِ، تَنَ جَنِي جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لَڏي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي، اُٿِي آڌِيءَ راتِ جو، سُمَرِڙِيُون سورِينِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اونڌي ڪَنڌِ اورِينِ.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ، پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ، ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ، ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي، پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ، سُئَمِ نَہ…[ سُر پورب - وايون ]
- اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ، ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ، سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ، ھو مَھائِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- نَئُون نِينھُن لَڳومِ، راتِ رَمَندي ڍولَ سين، سو سِينگارُ ٿِئومِ، صُباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾، سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ، سَڄَڻُ سِينءَ پِرڀاتِ، مَنان مُورِ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ، چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ، تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ويٺي وِھسِيَسِ وِچَ ۾، سَرَھِي سارِي راتِ، سَرَھِيُون سُھاڳَڻِيُون، مُون جيڏِيُون مُون ذاتِ، مُون کي ڪَنھِن سَڀَاڳَ، ڪَڍِي ڪاڻِيارو ڪِئو.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تاسِريءَ تيلُ پِئو، ڪوسو چَڙِهئو چُلِهہ، راتِ ھُئين ڪَنھِن مُلِ، آءُ لِيلان جا وَلَها.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون، ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڇڏِئو پِرِينءَ پَچارَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ھِي تان ٿورَڙِيُون، تُون ڀورا پَسِي ڀُلِيين، راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جَي تو اِيندِيُون ھيڪَلِي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جهيڻا ٿِئا نَکَٽَ، ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- روھِ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پُڻ ھَلَڻَ ھارِيُون، ڪَرَڳَلُ ڪُونجَڙِيُنِ، رائي ۾ راتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين، ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ، چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ، جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين، ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي…[ سُر ڏھر - وايون ]
- ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي، ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري، آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو، رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي، سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي، جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ، رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ، تِئان ميڙي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اَگِهئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا، مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳ، رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- پِريان سَندِيءَ ھَنۡجَ ۾، سُتِي جا پَئِي، ساڪوھُ پُڇي راتِ کي، تَہ ڪيتِري ڳَئِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ، آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا، پِرِيَنِ جي پاران، راتِ رَڱِجِي آيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ جي، سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- کَران وِجُهہ مَ واتِ، ڍولَ ھَمارِي ڳالِهڙِي، مَڇُڻ رَتِي راتِ، ڪا اورَڻَ ۾ اوڻِي ٿِئي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ، راھَ رَمَندَڙِي روءِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ، چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ…[ سُر آسا - وايون ]
- ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي، اُجهَڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي، ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- نِينھَن سِيچاڻي، سِينھَن، ٽِنهِي قَصَدُ ڪَبابَ سين، راتِ کاڌائُون ڏِينھَن، تَہ پُڻ ڀُڻَن بُکِئا.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ رَهِي، مُنھِنجا سيڻَ سَيِّدُ چئَي، ساڻيھَ مَنجِهہ صَحِي، وَنِيُنِ راتِ وَهِي، مُون تان بَندُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- آيو ڪيرُ ڏيھان، جَنھِن ڪَرَ پُڇان خَبَرُون، وِڄُون اُنَ وَراءَ، راتِ مارُوءَ ڏي وُٺِيُون.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِي کِنواءِ، سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ، سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- تَنھِن کُڻِ ٿِي کِنواءِ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻَنِ جِي، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رويو راتِ وِهاءِ، سُوٽا ڪِيمَ سَھاءِ، عُمَرَ بَندِياڻِيَنِ کي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- پِھرِينءَ راتِ پَسِي، مُنھِنجو ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِئو، مُوهَڙِ مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ ڏيجِ وَسِي، اَهَرَ جَنھِن اَسِين، سو مِلَندو شالَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پِھرِين راتِ مَلِيرَ ري، مُون کي جا پيئِي، اُونداهِيءَ اَندوهَ ۾، وِھامِي ويئِي، ڏُورِ ٿِئا ڏيھِي، ڪَنِ ڪَرَ پُڇان خَبَرُون.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پَرَ جَهلَ پييَمِ راتِڙِي، ٻِي ٻاٻاڻِنَؤُن ڌارَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا، نائي نيڻنِ نار، ويچارا پَنوَهارَ، ڏٺِي مُون ڏِينھَن ٿِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پَنجِينءَ راتِ پَيغامَ، مُڪَمِ مارُوءَ ڄامَ ڏي، ويرِيُنِ ويڙِهِي آھِيان، وَرِجِ وِيرَ وَرِيامَ، الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْڪَافِرِ ، ماڙيءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي، إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- سَتينءَ راتِ صَحِي، سارِئُمِ سانبِيَڙَنِ کي، تازِي تاسَرِيُنِ ۾، پِيتَمِ موڪَ مَھِي، ڪِيَمِ رِهاڻِيُون ريلَ ۾، ٻيرِيُنِ هيٺِ ٻَھِي، قَيدالماءِ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- ٿَرَ وُٺا ٿاڌيلِ ٿِي، پَھرِئو چَرَنِ پَنَ، هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ، زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، هَلَنِ ۾ حُجراتِ، هَميشه حِجرَ ۾، لَحنُ لَطِيفي لاتِ، سُورَنِ جا سَرَتِيُون، رَعدَ مُڪائُمِ راتِ، مُون تَنَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سانبِي سارِئَمِ راتِ، صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ، رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ، مُون تَنَ تَنِي…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ، ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ، سُتِي سَڄَڻَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي عُمَرَ مِيان سُومَرا، آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندِ ٻِئا، عُمَرَ بَندِياڻِينُ کي، سُوٽا…[ سُر مارئي - وايون ]
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جِھَڙِي سِڄَ ڪَڪورَ، تِھَڙِي مي اَکِيُنِ ۾، ڪِينجُهرَ ٻِنِهي ڪَنڌِيين، مييُون ٽِلَنِ مورَ، تَماچِيءَ تَنبُورَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَنِ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَهرڪَنِ، اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ، سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- کُوءِ سَمِيُون ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ، وَرُ سي ڪِينجُهرَ ڄايُون، جَنِ تَماچِيءَ جِي تاتِ، راڻنِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ، لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ، ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- سَرَ ۾ سارِي راتِ، لَلي ٿِي لاتِيُون ڪِيُون، پَکِڙانڊيُون پِرِڀاتِ، ھَنجَ ھَڻَندي رَتِيُون.،[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ، سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري، سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ، واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]