Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪلياڻ جَي وايون جي وائِي
مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا،
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
رسالن ۾ موجودگي: 44 سيڪڙو
سمجهاڻي
مون کي سھڻي سڄڻ جو عشق لڳو آهي. او امان، او امڙ، (دانھن مٿي دانھون) مون کي دلدار جي نينهن نهوڙيو آهي.
آءٌ رات جو سور سھان ٿي ۽ ڏينھن جو ڏکن ڏڌي آهيان. منھنجي انهيءَ حال جي عام ماڻهن کي ڪا خبر ناهي! مون کي محبت جي مرض ماري ڇڏيو آهي. هاڻي منھنجي صحت سڄڻن جي هٿ وس آهي. اي الله سائين، هن عشق جي آزار جو تون ئي علاج ڪندڙ آهين.
گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 943
لَکَا مَيْنٌ مَاهِيْ عَشْقُ رَاجَنِدَا﮶
رَاتِيَا دَرَدُ ڎِيْهَان دَرْمَاندِيْ لُوْڪَا خَبَرَ نَڪَائِيْ﮶
دَارٌ هِنَ دَرَدَ جُوْ اٰهِي﮼ تُنْ اِلٰھِيْ﮶
مُنْکٖين مَرَضَ مَارِئُوْ صَاحِبَ هَٿِ سَکَائِيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मैनों माही। अशक़ु रांझनु दा।
रातीअन दरदु ॾींहां दरमांदी लोकान ख़बर न काइई।
दारूं हिना दर्द जो। आहीं तूं इलाही।
मूंखे मर्ज़ा मारिओ। साहिब हथ सघाइई॥
ROMAN SINDHI
Mainoon mahi esha'u ranjhan'a da
Ratiyaan dard'u Denhaan darmandi, lokaan khabar'a na kaai,
Daroon hin'a dard'a jo, aaheen toon elaahi,
Moonkhy marz'a mareo, saheb hath'e saghaai.
TRANSLATIONS
Oh, my friend! I am deeply in love with my beloved. Every night, I endure intense pain, and throughout the day, I yearn for my beloved. But what do people truly understand? Only you, my God, possess the power to heal my suffering. My heart is tormented, yet the remedy lies within the hands of my master.
ھِن سُر جي راڳ بابت
ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ
ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.
سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)