مَرضَ بابت
معنيٰ
بيماريون، ڏُوار، آگهائيون، روڳَ، ناچڱائيون، لڱائيون، ڏوجَ، ڏُجهندا، ڪُٺمرائيون، آزارَ، بي مزائيون، ناچاقيون، ناچاقائيون، پِيڙائون، عذابَ، ڪَشٽَ، دردَ، تڪليفون، علالتون.
Sickness, illness, diseases.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي، ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ، نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]