ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) جيڏِيُون وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنِ، جَهلِيان…
- (وائِي) جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي…
- (وائِي) دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو…
- (وائِي) دِلِ ماھِي دي نالِ لوڪو،…
- (وائِي) عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين…
- (وائِي) ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ،…
- (وائِي) وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ…
- (وائِي) وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ…
- (وائِي) يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي…
- (وائِي) ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو،…
- (وائِي) ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي وايون جي وائِي
مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين،
ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ،
لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،
وَڍِئو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلهي ٿا چاڙِھِينِ،
مُوْتُوْ قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْ ، مَرضَ اِنَ مارِينِ،
لَا يَمُوتُ فِيھَا وَلَا يَحْيَىٰ ، مارِئو جِيارِينِ.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي محبوبن مون کي مارڻ جو ارادو ڪيو آهي. هو مون کي وڍي، چيري ۽ چچري سڀني ماڻهن کي پيا ڏيکارين (تہ اسان جي عاشق جو اچي حال ڏسو!) محبوبن جي هٿ ۾ اهڙيون سيخون بہ آهن جن سان هو عاشق جا ٻوٽ باھ تي چاڙهي ڪباب ڪندا.مرڻ کان اڳ مرو، واري طريقي سان مارڻ پيا گهرن. پوءِ اهو جيئرو آهي ۽ وري نٿو مري! ائين عاشقن کي ماري وري جياري ڇڏين ٿا.
[محبوب جي هٿن ۾ ڪُسڻ جو تصور روميءَ وٽ بار بار ملي ٿو، پر هو اها وضاحت ڪري ٿو تہ عاشقن کي انهيءَ ڪسجڻ جي بدلي ۾ محبوب جو قرب نصيب ٿئي ٿو جيڪو لافاني آهي.
مرگ يک قتل ست واين سي صد هزار،
هر يکي را خونبهاي سي شمار،
گرچ کشت اين قوم را حق بارها،
ريخت بهر خونبها انبارها.
(دفتر ششم، ب- 40 ۽ 1539)
معنيٰ: ظاهري موت کي صرف هڪ دفعو قتل جي برابر سمجهو، پر هي (فنا جو موت) ٽي لک ڀيرن جي برابر آهي ۽ هرهڪ موت جو بي انداز خون بھا (معرفت جو مقام) آهي. جيئن تہ حق تعاليٰ هنن ماڻهن (صوفين) کي بار بار قتل ڪيو آهي، ان ڪري هنن کي خون بھا جي طور تي (قرب جا بي انتھا) ڪيترا خزانا ڏئي ڇڏيا آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मूं खे था मारीनि। को पहु पियड़ो सज॒णें।
बा॒रिओ उझाईनि। पिरीं उझायो बा॒रीनि।
लुहां लुहारनि जा। मूं खे था मारीनि।
वढिओ चीर्ओ। चिचिर्ओ। डे॒ह खे डे॒खारीनि।
सीख़ूं सज॒णनि हथ में। चुल्हे था चाड़िहीन।
मू तुवा क़बिल अंत मूतू। मरिज़ इन मारीनि।
ला यमूतु फ़ीहा वला यह्या। मारिओ जियारीनि॥
ROMAN SINDHI
moo'n khhay thaa maareen'ay, ko pah'u piyarro sajjanne'n,
Baari'o ujhaaeen'ay, pireen ujhaayo Baareen'ay,
luhaa'n luhaaran'ay jaa, moo'n khhay thaa maareen'ay,
wadhhi'o cheeri'o chichri'o, ddeh'a khhay ddekhhaareen'ay
seekhoo'n sajjannan'ay hath'a mayn, chulhay thaa chaarriheen'ay,
Mootoo Qabl'a An Tamootoo, marz'a in'a maareen'a,
La Yamoot'u Feehaa Walaa Yahyaa, maari'o jiyaareen'ay.
TRANSLATIONS
My Beloveds set out to end my life, displaying my dismembered form to the public. They possess honed iron rods in which they sear my body over flames. They echo the dictum "Die before death" while sustaining my wounds. They have shaped me akin to the Quranic verse: "Neither dying therein nor living." Thus, they perpetuate my existence beyond death.
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)