Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) جيڏِيُون وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنِ، جَهلِيان…
- (وائِي) جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي…
- (وائِي) دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو…
- (وائِي) دِلِ ماھِي دي نالِ لوڪو،…
- (وائِي) عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين…
- (وائِي) مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو…
- (وائِي) وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ…
- (وائِي) وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ…
- (وائِي) يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي…
- (وائِي) ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو،…
- (وائِي) ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي…
- سُر يمن ڪلياڻ جَي وايون جي وائِي
ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي،
ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريھُ،
مَرُ چَڱِيائِي نَہ ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اَڱَڻِ شالَ اَچي.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي طبيب، تون هاڻي مون وٽ نہ ويھ (مون کي تنھنجي ضرورت ناهي) منھنجي دل جا دلبر ڄاڻ منھنجي اڱڻ آيا، منھنجا رهبر سڄڻ مون وٽ پھچڻ وارا آهن. جيتوڻيڪ طبيبن پنھنجي پاران منھنجي مرض ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ۽ گهڻا جتن ڪيا. (پر مرض ڪونہ ٽريو). اي طبيب، آءٌ ڀلي چڱي ڀلي نہ ٿيان، پر تون مون کي ڪا سُتي ڦڪي نہ ڏي.
شال سڄڻ منھنجي خبرچار لھڻ منھنجي گهر اچي. اهو ئي سڄڻ مهربان ٿي علاج ڪندو ۽ پنھنجي رحمت سان نوازيندو.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वैज॒ म मूं वटि वेहु। आया जानी मूं घरि आया। आया हादी।
वैज॒नि वडा॒ई वस किआ। मरिज़ मुहिंजे खे।
बु॒के डीं॒दा बा॒झ जे। संदो रह्मत रेहु।
मरु चङियाई न थिआं। वैज॒ म बु॒की डे॒।
कर लाहू थी कडि॒हीं। अङणि शाल अचे॥
ROMAN SINDHI
wejj'a ma moo'n watt'ay weh'u, aayaa jaani ghhar'ay aayaa, aayaa haadi,
wejjan'ay waddaa ee was'a ki'aa, marz'a munhinjay khhay,
Buki ddeendaa Baajh'a jay, sando raHmat'a reh'u,
mar'u changiyaa'ee na thiyaa'n, wejj'a ma Buki dday,
kar'a laahoo thi kadd'hee'n, angann'ay shaal'a achay.
TRANSLATIONS
Oh, physician! Do not expend your time in vain, for I no longer require your services. My Beloveds are on the brink of arrival, they poised to soothe my afflictions. While physicians have strived diligently, my anguish calls solely for the touch of my Beloved. Oh physician, preserve your remedies, allow me to persist in my ailment. I hold hope that my Beloved might come to attend to me, having heard of my malady.
ھِن سُر جي راڳ بابت
يمن ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ راڳ
ٺاٺ: ڪلياڻ
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: ني، ري، گا، ما، پا، ما، ڌا، ني، سا
آوروھا: سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، ري، سا
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
(ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)