اَڱَڻِ بابت
معنيٰ
صحن، اَڳر، آڳنڌ. گهر جي احاطي. آڳيل، پڌَرُ.
The court yard in front of a house, a yard.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ، ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ، پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ، سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ويڄَ مَ مُون وَٽِ ويھُ، آيا جانِي مُون گهَرِ آيا، آيا ھادِي، ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪِئا، مَرضَ مُنھِنجي کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍارَ، ڪَرَھو جِيئَن ڪالَهہ ھو، اَڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پاھوڙي پَچارَ، جيڪُسِ مَنجِهہ قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ، قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اَڱَڻِ آيَمِ پيھِي، يااللهَ! مُون سارِيندي سُپِرِين، مُشڪَ عَطُرُ مُون پِرِين، سِڪِيَس ڄَمُ سَڀوئِي، ساھُ جَنِي جو سيڪِڙُو، رُوحَ تَنِي…[ سُر کنڀات - وايون ]
- اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ، اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون مُون سُکَ ٿِئا، اَمُلَ پِرِينءَ مَٿان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيان.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ، سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ، اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄامَ جي، دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ، ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ساٿِي نَہ پَسان سي، جٖي ھُئَمِ ھِنيَين ٿُوڻِيُون، ھاڻي ڪَنِي جٖي، وَڃِئو اَڱَڻِ اُڀِيان.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ، مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ، وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- راڻي سين رِھاڻِ، ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، سي ھَنڌَ پَسِئو ھاڻِ، وَڃي ھِنيُون وِرڄِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ، ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ، لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين، پَرچِي پِيارا، پَلَڪُ پَراھُون نَہ سَھِسين، جِيءَ جا جِيارا، نِينھان نِظارا، سَڃِ تَہ مان سُورُ لَھي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ، مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- اَڱَڻِ جهوڪي ڪَرَھو، وِيَڙين جِيئَن واري، مُون کي ٿِي ماري، سوڍا اُھائِي ڳالِهڙِي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ جهوڪي، ساھُ مُنھِنجو سُپرين، راڻا وَھِيين روڪي، سِڪان ٿِي تو کي، مُنھُن ڏيکارِجِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- تان وَنءُ ويھِي آءُ، اَڱَڻِ کاھوڙِيَنِ جي، جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائَي لوڪان، ڏوٿِيَنِ ڪَنھِن ڏُکان، سُمِهي سُکُ نَہ ماڻِئو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- اَڱَڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِيَنِ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ، پيرَ اُنِين جا پُڄُ، مَتان سِڪين سَناسِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا، تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ، اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين، حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ، بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ، زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا، ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- وَرُ اُهائِي ويرَ، جِيئَن ڌَڻُ تَسي تَڙِ آيو، سَرَتِيُنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍَيرَ، هِينئَڙي اُنَ جِي هيرَ، ٿو…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]