Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو،…
- (بيت) آکُون ڊاکُون سِرکَنڊَ شاخُون، جِتِ…
- (بيت) اللهَ سوڍَلُ آڻِيين، جانِي اَٿَمِ…
- (بيت) اَڱَڻِ آڻي ڪَرَھو، جَهلِي وِھُ…
- (بيت) اَڱَڻِ جهوڪي ڪَرَھو، وِيَڙين جِيئَن…
- (بيت) اِيندا ويندا اَڙِئا، ڏيسارُو ھُئا،…
- (بيت) توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي،…
- (بيت) تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن…
- (بيت) جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي…
- (بيت) راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين…
- (بيت) رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري…
- (بيت) سوڍو تِيئَن نَہ سِکِئو، جَڳُ…
- (بيت) مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ…
- (بيت) مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون…
- (بيت) مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ…
- (بيت) ويرُون تارِ وِصالَ ۾، گهُورُنِ…
- (بيت) وِھان ڪِيئَن ڪَري مُون سِرِ…
- (بيت) ڪاھِ مَيا ڪَرَھَلَ، ريلِ تَہ…
- (بيت) ڳَلِ ڳانا مُنھِن ماڻِڪِي، مَيي…
- سُر راڻو جَي موٽ ۽ پرچ راڻا جو بيت
سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ،
موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ،
تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.
رسالن ۾ موجودگي: 29 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مومل ٿي چوي) منھنجي دل هر وقت راڻي لاءِ پيئي سِڪي ۽ هن جي ريجهہ رهاڻ واسطي سَڌُون ڪري پيئي اڌ مُئي ٿئي. او، منھنجا الله، منھنجو محبوب موٽائي منھنجي اڱڻ تي آڻ، تہ جيئن صبح جو سرتين ۾ مون تي ميار نہ اچي (منھنجي خواري نہ ٿئي تہ سندس مڙس کيس ڇڏي هليو ويو آهي!)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مومل راڻو، بيت نمبر : 3765
سِڪٖيْ هِيٌ سَڌَ مَرٖيْ رَانٖيْ جِيَ رِهَانِ﮶
مُوْٽَائٖين مَيْدَرُوْ اَللہَ اَکَنِ آَنِ﮶
تَا مُنْ پَئٖيْ نَڪَانِ صَبَاحَ وِچِہ سَرَتِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सिके हिंयूं सध मरे। राणे जीअ रहाणि।
मोटाए मेंधरो। अल्लाह अङणि आणि।
तां मूं पए न काणि। सबाह विचि सरतियें।
ROMAN SINDHI
Sike heenyoon sadh'a mare, raanne jee'a rihaann,
Mottaye mendharo, Allah angann Aann,
Tan moon paye na kaann, SubaH wich sarateen.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)