Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر کنڀات جَي چنڊ جو بيت
ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،
اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ،
قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.
رسالن ۾ موجودگي: 81 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي محبوب جي پيشانيءَ ۾ ڀلائي ۽ چڱائيءَ جا نشان چٽا ۽ پڌرا آهن. هو پنھنجن سڪ وارن وٽ قرب ڪري پاڻ اچي پير گهمائن ٿا. منھنجي محبوب (جي حسن) سان چنڊ ۽ سج کي ڪير برابر ڪري سگهي ٿو؟ (هن جي سونھن جو ڪو مثال ڪونهي!)
[مثنويءَ ۾ سج ۽ چنڊ کي محبوب سان تشبيھ ڏيئي، انهن کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي:
اي مـﮧ تابان چه خواهي گرد کرد،
اي که خور درپيش رويت روي زرد.
(دفتر پنجم، ب-3572)
معنيٰ: اي چمڪندڙ چنڊ توکي هيءُ اُڏامندڙ مٽي ۽ ڌوڙ ڇا ڪندي؟ تنھنجي مبارڪ چھري جي آڏو سج پاڻ پيلو ٿي پوي ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1298
ڀَلَائِيَجَا ڀٖيْرَ پٖيْشَانِيَ م﮼ پِرْيَکٖيْ﮶
اَکَنِ اُڪَنڊِيُنِجٖيْ ڎٖيْ پَاٻُوْهِيُوْ پٖيْرَ﮶
قَمَرُ پَارٖيْ ڪٖيْرَ شَمْسُ سُپٖيْرِيَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
भलाईअ जा भेर। पेशानीअ में पिरींअ खे।
अङणि उकंडियनि जे। डे॒ पाबो॒हियो पेर।
क़मरु पाड़े केर। शम्सु सुपेरियनि सें।
TRANSLATIONS
Immense store of beneficence is reflected in the beloved’s forehead. He benignly graces the abodes of those who are solicitous of Him. (Though sun and moon too visit human abodes through their light, yet there is no comparison between thçm and the Beloved).
ای کہ بشرح والضحیٰ آمد جمال روی تو
نکتہ واللیل وصف زلفِ عنبربوی تو
(Hassan Sanjar)
O you whose handsomeliness is indicated by the interpretation of the Quranic words ‘by the growing brightness of the forenoon’ and the reference to night describes the attribute of your fragrant forelock!
Immense graciousness reflects in beloved's forehead,
May he grace the abode of those who eagerly long for him,
How can moon and sun be compared with the beloved?
مت دے متھیں چمک رہے نیں بھلائیاں دے آثار
ایہہ لطف اوہناں تے جاندا جو ہن ہجر چ بے قرار
چن سورج تے یار دے نیتوں برابر دے
پُنج نیکی دا سجن میرا، متھا کھِڑ کھِڑ جاوے
میں اُڈیکان اوہ ہسدا ہسدا ویہڑے دے وچ آوے
چن سورج کی اوس دے اگے اوہدے تُل نا کوئی
صبحِ روشن ہے تیری پیشانی اور دل چشمۂ محبت ہے
تیرے آنے کی منتظر ہوں میں تو جو آئے تو عین راحت ہے
ہیچ ہے تیرے سامنے خورشید مہ و انجم کی کیا حقیقت ہے
پیشانی میں دمک رہے ہیں، نیکی کے آثار،
تیری دید کو ترسیں نیناں، آ بھی جا اک بار،
سورج چندا یار! کب ہیں ہمسر تیرے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ…
- (بيت) آيو چَنڊُ چَڙِهي، چارِيءَ جو…
- (بيت) اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ…
- (بيت) اَڄُ جَهمَڪِي ماءَ، ھِينئَڙو مان…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ…
- (بيت) اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ…
- (بيت) اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ…
- (بيت) اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو…
- (بيت) تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي…
- (بيت) جَا نِشانِيءَ نُورَ جِي، سا…
- (بيت) جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،…
- (بيت) جَنِي لاءِ ڪِئا مُون، چاڙِھيڪا…
- (بيت) حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،…
- (بيت) سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ…
- (بيت) سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،…
- (بيت) قَمَرَ ڪارو نانگُ، توکي کائي…
- (بيت) ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ…
- (بيت) ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ…
- (بيت) چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين…
- (بيت) چوڏِينھَن چَنڊَن اُڀِري، اُوڻَٽِيھَن پَسي…
- (بيت) چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان…
- (بيت) چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو…
- (بيت) چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا…
- (بيت) چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ…
- (بيت) چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين…
- (بيت) چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين…
- (بيت) چَنڊَ چَوانءِ سَچُ، جي مَٺِين…
- (بيت) چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي…
- (بيت) چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون…
- (بيت) چَنڊَ کي چورائي جُهڙَ جَهپيئيِ…
- (بيت) چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي…
- (بيت) ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ…
- (بيت) ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
