شَمسُ بابت
معنيٰ
سِج، سورج، سوريه، آفتاب، آڏت.
The sun.

بيتن ۽ وائين ۾
- جَا نِشانِيءَ نُورَ جِي، سا پِرِينءَ پيشانِي، جوڙِيَلُ ڪو نَہ جَھانَ ۾، سَندُسِ ڪو ثانِي، قَمَرُ قُربانِي شَمسُ سَڄَڻَ تان…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ، شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ، قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]