شَمسُ جي سنڌي معنيٰ
سِج، سورج، سوريه، آفتاب، آڏت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The sun.
شَمسُ جا بيتن ۾ حوالا
جَا نِشانِيءَ نُورَ جِي، سا پِرِينءَ پيشانِي،
جوڙِيَلُ ڪو نَہ جَھانَ ۾، سَندُسِ ڪو ثانِي،
قَمَرُ قُربانِي شَمسُ سَڄَڻَ تان گهورِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 34 ]

جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ،
شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟
[ سُر کنڀات، چنڊ، 35 ]

ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،
اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ،
قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 36 ]

ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جانِي ھِنَ جَھانَ مان، وَڃُ لاڳاپا لاھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسانَ سين، ٻانَهنِ تي ٻاجهايو،
بابي بِيبِيءَ فاطِمه جي، بارُ سَڀو بَخِشايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَھِيو اُتِ ڪَھَندو،
”اُمَتِي يا اُمَتِي“ ڪَھي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پاندِ نَمِي، اَلا، سَختِي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ تي، حَضَرت ھَٿَ ڌَرِيندو.
[ سُر سريراڳ، وايون، 10 ]