Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ…
- (بيت) رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان…
- (بيت) سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ…
- (بيت) سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ…
- (بيت) مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين،…
- (بيت) مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين،…
- (بيت) مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين،…
- (بيت) مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين،…
- (بيت) مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين،…
- (بيت) ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي،…
- (بيت) ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي،…
- (بيت) گولِي بَندِي آھِ، زَرِخَرِيدَ جَتَنِ…
- (بيت) ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪوھياري جَي اُڊڪا ۽ ايلاز جو بيت
ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي،
اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِيي.
رسالن ۾ موجودگي: 69 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) هڪ آءٌ ٻانهين وانگر اُنهن ٻاروچن جي بلڪہ ناڻي سان ورتل يا خريد ٿيل ٻانهي آهيان. ٻيو اُهي سڄڻ جيڪي منھنجيءَ دل ۾ گهر ڪري ويا آهن، سي ڪيئن ٿا وسري سگهن. (منھنجي ڌڻيءَ در دعا آهي تہ) شل ڪيچين وٽ هُنن جي سامهون منھنجي ڪا بي مُھت ۽ بي عزتي نہ ٿئي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 407
ٻَانُوْٽِيْ ٻَانِيْ ذرّْخَرِيْدَ جَتَنِ جِيْ﮶
سٖيْ ڪِيَ وَنڃَنِ وِسِرِيْ جٖيْ جِيَ سَندَا جَانِيْ﮶
اَنکَنِ اَمَانِيْ شَالَ ڪٖيْچِيَنِ جٖيْ ڪَامَ ٿِي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
बां॒होटी बा॒निही। ज़रि ख़रीद जतनि जी।
से कीअं वञनि विसरी। जे जीअ संदा जानी।
अङणि अमानी। शल कैचियनि जे काम थिए।
ROMAN SINDHI
Baanhotti Baanihi, zar'ay khareed'a jatan'ay ji,
say kee'en wanjan'ay wisari, jay jee'a sandaa jaani,
angann'ay amaani, shal'a kechiyan'ay jay kaam'a thiye.