Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر سريراڳ جَي توڪل، جاڳ سجاڳ جو بيت
نَڪو سُکُ نَکَٽين، نَہ ويساندِ نَئِين،
جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانيَين سا سَنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھُ مَئِين، جِيئَن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
آسمان ۾ جيڪي نکٽ (خاص تارن جا ميڙ) آهن، انهن کي هڪ جاءِ ٽڪاءُ ڪونهي (پيا اڀرن، هلن ۽ لھن). ائين (جبلن تان لھندڙ) نين جو پاڻي بہ ڪٿي بيھي نٿو رهي (بنا ساهي ۽ دير جي تکو وهي وڃي ٿو). تنھنجي سامهون اهو سڀ ڪجهہ پيو ٿئي، پر تون ان کي سولو ٿو سمجهين (رؤنشو ڪري وٺين ٿو). هڪ طرف تون سڄيون راتيون (غفلت ۾) سمهيو پيو آهين، ٻئي طرف مالدار ٿيڻ جا خواب پيو لھين!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود راڳ، بيت نمبر : 1396
نَڪُوْ سُکُہ نَکَٽ﮼ نَوٖيْسَاندِ نَئٍى﮶
جٖيْڪَا اَچٖيْ سَامُهٍ ڀَائِي﮼ سَا سَئٍى﮶
مُوْرِيَ ڪُهْ مَئِيْ جِنْ سَڃِيٌ رَاتِيٌ سُمَهٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नको सुखु नखटें। न वेसांदि नएं।
जेका अचे सामहें। भांयें सा संईं।
मूड़ीअ कोहु मईं। जिअं सजि॒यूं रातियूं सुमहें।
ROMAN SINDHI
nakwo sukh nikhatein, na wesandh neyen,
Jeka achey samhyen, bhanyen sasneyen,
Morhe kohw mein, jein saJhewyon raateyon smhein.
TRANSLATIONS
The stars know no rest in their orbit; they are not motionless; nor do the rivers stop flowing. (Why should you then remain effortless?) The fact is that you are content with whatever you obtain effortlessly. Since you are given to sleep for the entire night, and are not (spiritually vigilant), how do you expect to come by and collect wealth (of good deeds and Divine approbation)?
جہد کن تا جام حق یابی نوی
بیخود و بی اختیار آنگہ شوی
(Roomi)
Strive so that you may receive a new the Divine cup. You will then become beside yourself.
Neither stars rest, nor waves know any respite,
You hold dear what you easily get,
When whole night you sleep, what of worth can you assess?
لا راحة للنجوم ولا ترتاح الأنهار أي شيء تحصل بدون تعب وبدون صعوبة أحسبه نعمة كيف تعد المال والثروة وأنت ترقد طول الليالي.
قرار اندر کہہ و مہہ نے، ہمہ در گردش افتادہ
در این عالم تو دیدی ہرچہ بروی اکتفا کردی
تو ئی نادان کہ از انبار اندک راپذیرفتی
متاع تو ز تو رفتہ بہ غفلت انتہا کردی
ندیاں تارے گھمدے ریہندے پل بھر اٹک نا پائی
تیری قسمت اُتے ڈوری کار نا کردا کائی
وست املوک کتھوں پاویں تیں سُتیاں رات گذاری
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اَڄُ ڪِيئَن اَسارو، کِوَڻِ ڏِسِئو…
- (بيت) اَھُکِي راھَ اللهَ جِي، اَھُکِي…
- (بيت) بَندَرِ جانۡ ڀَئِي، سُکاڻِئا مَ…
- (بيت) تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا…
- (بيت) تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو…
- (بيت) جَي تُون ٿِيين اللهَ جو،…
- (بيت) سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ…
- (بيت) سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرا،…
- (بيت) سُتين ڪِھَڙِي سارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي…
- (بيت) لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي…
- (بيت) وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي…
- (بيت) ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون…
- (بيت) ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين…
- (بيت) کِوَڻِ ٿِي کِواءِ، تو آئِي…
- (بيت) کِوَڻِ ٿِي کِوي، تو آئِي…
- (بيت) کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ…
- (بيت) ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَہ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت

سريراڳ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ راڳ
ٺاٺ: پوربي (پوروا)
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا ري ما پا ني سا
آوروھا: سا ري ني ڌا پا ما پا ڌا ما گا ري سا
ھن راڳ جو وادي سر ”رکب“ ۽ سموادي سر ”پنڇم“ ٿئي ٿو.
ھن راڳ جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ آھي.
