Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو…
- (بيت) دَرَبانِي دَرُ کولِ، آئُون پَرَديسِي…
- (بيت) رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان…
- (بيت) سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي…
- (بيت) مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ…
- (بيت) مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا…
- (بيت) ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ…
- (بيت) ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،…
- (بيت) ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سورٺ جَي ڏنو سر ڏياچ جو بيت
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
هن منگتي جو ثنا ۽ صفت ڪرڻ وارو ڪنجهي مان ٺهيل ڪينري جو ساز نھايت عجيب ۽ قيمتي هو (الاهي اسرار وارو هو). هن املهہ راڳيءَ بادشاھ جي حضور ۾ دل و جان سان سُر تال ۾ هر لحاظ کان پوري اهڙي (مدهوش ڪندڙ) تان هنئي (واڄو ڪيو) جنھن سان ٻُڌندي ئي بادشاھ کي ’ذات جو ظھور‘ (ذات الاهيءَ جو جلوو) ٿيو (يعني ذات صفات کان جدا ناهي. گويا ٻيجل الاهي ذات سان صفات جي وصال جو وسيلو بنجي آيو). انهيءَ مھل منگتي چيلهہ سان ٻَڌل ڪاتي ڪڍي راجا جو ڪنڌ ڪپي ۽ ڪوري ورتو (سِر تن کان جدا ڪيو).
[مثنوي روميءَ ۾ هن مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
آن کسي را کش چنين شاهي کشد،
سوئي تخت و بهترين جاهي کشد.
(دفتر اول، ب- 242)
معنيٰ: جنھن کي هو بادشاه پاڻ ڪھي ٿو، ان کي پوءِ تخت بخت ۽ وڏو مان مرتبو بخشي ٿو. ]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 2009
ڪَنجِّيْ ڪِيْرَتِ ڪِيْنِرُوْ وَاڃُوْ وِلَاتِيْ﮶
هَئِيْ تَندُّ حُضُوْرَ م﮼ تَهِ پَانَوَ پٖيْرَاتِيْ﮶
ڎِسَندِہْ ڎِيَا چَکٖيْ ظَاهِرُ ٿِئُوْ ذَاتِيْ﮶
ڪَڊِيْ تَهِ ڪَاتِيْ وِڌُوْ ڪَرْٽُ ڪَپَارَ م﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कंझी कीरति कीनिरो। वाजो॒ विलाती।
हंई तंदु हुज़ूर में। तंहिं पानव पेराती।
डि॒संदे डि॒याच खे। ज़ाहिरु थिओ ज़ाती।
कढी तंहिं काती। विधो कर्ट कपार में।
ROMAN SINDHI
KanJhe keerat keenro, waJhho wilatee,
Hanyi tand'u HuZhur'a me, tehn pawn'a peratee,
Disande Diyach'a khe, Zahir'u thiyo zatee,
KaDhhi tehn katee, widho kart'a kapar'a me.
TRANSLATIONS
The marvellous violin started to play (perhaps a swan song suiting the occasion). This alchemy like bard played before the king with such masterly fervour that the latter, in one gaze at him, perceived the immortal essence in the minstrel. (Working under its influence) he took out a dagger and plunged it into his neck.
Note:پارس means alchemy like.
The heavenly music plays on, at the touch of the strings,
in the presence of the gracious prince,
He sees the light of heaven shining bright,
Talking the dagger into his own head, he it drives.
The matchless fiddle started emanating music,
The alchemy like bard struck the cords skillfully,
On seeing Dyach he revealed his real self,
Taking out dagger and plunged in his neck.
هذا المزهر الذي يعزف عليه يتصوت.
إعزف! أمام هذا الشخص الممتاز المتقي عندما أبصر لاح فى قلب راء دياج نور وهوهر إنفتحت ستر باطنية وإمتلأ وجوده بنور إلاهي وبعد هذا خرج ساطور ه وقطع رأسه وقدمه أمام المرشد نذرا.
وج گیا سازندے دا، ات اوہو راگ ولایتی
وچ حضورت دے سر بستہ، اس پارس تند وجائی
ویکھدیاں ای ڈیاچ نوں ظاہر تھی گیا ہئی ذاتی
کڈھ کے اس نے داتی، پایا اندریں سیس دے خنجر
گیت الہی کلے چنگوں چارن کلا دکھاوے
کھوہل راز حضوری اندر بیجل ساز مجاوے
بھیت انگمی کُھلے سارے میں توں اِک ہوجاوے
مار کٹاری گردن لاہی سر بیجل نوں دتا
دستِ ’بیجل‘ میں اک انوکھا ساز
اور اس ساز کی عجب آواز
ہوگیا رائے ’ڈیاچ‘ پر ظاہر
سائل خوش گلو کے فن کا راز
اس کو اپنا بنا کے چین آیا
سر کی بازی لگا کے چین آیا
سسکا ایک ایک سُر، ساز بجا لاہوتی،
چھیڑا ساز حضور میں، پارس تھا وہ راگی،
دیکھ کے "رائے ڈیاچ" کو، ظاہر ہوا وہ ذاتی،
اور نکال کے "کاتی"، کاٹ لیا سر "ڈیاچ" کا۔