ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تُنبيرو نَہ تُون، ذاتِ جو…
- (بيت) دَرَبانِي دَرُ کولِ، آئُون پَرَديسِي…
- (بيت) رَتُ سِرڪِي نِڱِئو،ڏيئِي سورَٺِ مَهِندان…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ…
- (بيت) ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي…
- (بيت) مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ…
- (بيت) مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا…
- (بيت) ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ…
- (بيت) ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،…
- (بيت) ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،…
- (بيت) ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو،…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين…
- (بيت) ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سورٺ جَي ڏنو سر ڏياچ جو بيت
سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
رسالن ۾ موجودگي: 43 سيڪڙو
سمجهاڻي
اتي سوين هزارين وڏا وڏا ڳائڻا ۽ ساراهڻ وارا آيا جيڪي پنھنجيءَ پر ۾ وڏي رتبي ۽ وڏي ذوق وارا هئا، پر انهن جي سڄي عمر شاهي ڪوٽ جي ٻاهران ڳائيندي گذري ويئي. هنن وٽ تنبوري واري هن منڱڻي جي اڳ ۾ خبر هُليل هئي، جو اهو اعلان ٿيو تہ ’اي منڱڻا تون مٿي محل جا سڀ در دروازا ٽپي اندر گهڙي اچ، اي سهڻا گهوٽ توکي نويڪلي رهاڻ لاءِ بادشاھ ياد ڪيو آهي. هنن ’اي نبي تو تي سلام‘ چئي سندس مرحبا ڪئي. ان سان گڏ سڄي جھان ۾ اهو غوغاءُ ڦھلجي ويو تہ منڱڻي کي سمورو جڳ جھان سپرد ڪيو ويو (هن بيت ۾ معراج وارو واقعو تمثيلي طور بيان ڪيل آهي).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 2026
سَھَس﮼ هُئَا سَارِنکِّيَا مَانجِيْ مَکَنَهَارَ﮶
تَنِ کَرَا اُوْرٖيْ ٿٖيْ کَائِيُوْ سَھَس﮼ ڪَرٖيْ سِنکَارَ﮶
تُنبّٖيْ رٖيْ جٖيْ تَندُّ جِيْ پِھْرِيْ هُئِيْ پَچَارَ﮶
آَءُ مَٿَاہٌ مَکَنَا لَنکّٖيْ دَرُ دُوَارَ﮶
تُوْکٖيْ کُوْٽَ کُرَائِيُوْ خِلْوَتَ لَىءِ کَنکَّارَ﮶
اَلسَّلَامُ عَلَيْكَ اَيُّھَا النَّبِيُّ وَرَحْمَةُ اللہِ کِلِيْ ڪِئَاءٌ کِنْکَارَ﮶
تِھَا پُوْءِ ڎَاتَارَ ڎِنُوْ مُلْكُ مَکَنَهَارَ کٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सह्सें हुआ सारिंगिआ। मान्झी मङणाहर।
तनि ग॒ड़हां ओरे थे गा॒यो। सह्सें करे सींगार।
तुंबेरे जे तंदु जी। पिह्रीं हुई पचार।
आउ मथाहूं मङणा। लंघे दरु दुवार।
तोखे घोट घुरायो। ख़िल्वत लई खंघार।
अस्सलामु अलैक अयुहंनबीयु वरह्मतुल्लाहि। खिले किआऊं खीकार।
तिहां पोए डा॒तार। डि॒नू मुल्कु मङणहार खे।
ROMAN SINDHI
Sahseen hua saringiya, manJhi manganhaar'a,
Tan ggarrhan ore thi ggayo, sahseen kare seengar'a,
Tunbere je tand'u ji, pehreen huee pachar'a,
Aau mathahoon'a manganna, langhi dar'u duaar'a,
Tokhy Ghott'a Ghurayo, khilwat'a lai khanGhar'a,
Aslamu Alaeek'a Ayuha Alnabi wa Rehmat'u Allah, Khilee kiyaoon kheekar,
Tihan po'e Datar'a, Diyo mulk'u manganhar khe.