مُلڪُ بابت
معنيٰ
ديسُ، ڏيسُ، ڏيھُ. وطن، ساڻيھ. ولايت، ڪِشوَرُ، دُيار، اَقلِيم. رياست، راڄ، سلطنت، بادشاهت، عِلائقو، عملداري، ملڪيت، سرڪار، حڪمراني. صُوبو، پرڳڻو، شھر، ننگر، ننگري.
A country.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڀَتِ پَچَرَ پِرِينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتُ حُضُورُ، مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ ڪِي آءُ مَ ڳاءُ، جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ، پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ، لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي وَحدَتَ ويھُ، اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ، ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو، پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو، اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ھي ھَنڌَ ماڙِيُون ھاڻِ، ساڙِيان سَڀَ ڏيھِيَن ري، ڪُلُ شَیئٍ یَّرجِعُ اِلٰی اَصلِہٖ ، ٿِي جِهڄان جهانگِيَنِ ڪاڻِ، ڀِرِي پَنھِنجي…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏُورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]