راتِ جي سنڌي معنيٰ
سانجهي، سنجها، سج لٿي کان سج اڀرڻ وارو عرصو، شب، ليل، اوندھ، ڪاراڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Night
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
راتِ جا بيتن ۾ حوالا
کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]

ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ،
اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ،
جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي جِي تاتِ،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، رَھَ ۾ پييَنِ راتِ،
مِلان مَحبُوبَنِ کي، وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ.
[ سُر ديسي، وايون، 15 ]

آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين،
ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ،
اويُون آرِياڻِيءَ جُون، ڀَرِيان سَڄِيائِي راتِ،
تان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، جان نَہ وِھامي راتِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 2 ]

راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]

جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان،
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙھي اَڱُ،
اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو دَمُ،
ميڙي ميندِيءَ گُلَڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، پَلَيءِ، راتِ لَڳَڙِي وَڃُ،
مُون تَوِھِين سين نَہ ڪِئو، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ سَڱُ،
جان ڪوھِيارو ڪيچَ ۾، تان مُون ڀَئِي نَہ ڀَنگُ،
[ سُر ڪوھياري، وايون، 7 ]

وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

ڪَلاڙَنِئون ڪا، مَتِ نَہ سِکِيين مُون ھِنيان،
رُوندي راتِ وِھاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 19 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]