راتِڙِي جي سنڌي معنيٰ
سانجهي، سنجها، رات، سج لٿي کان سج اڀرڻ وارو عرصو، شب، ليل، اوندھ، ڪاراڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Night, after sunsetting, dark time
راتِڙِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ سُوۡرِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 20 ]
اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
وَرُ اُونداھِي راتِڙِي، چانڊوڻِي چَنڊان،
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 11 ]
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 11 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ،
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ،
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ،
عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ راتِڙِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 7 ]
مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 5 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 5 ]
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان،
جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 5 ]
جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 5 ]
English Meaning
Night, after sunsetting, dark time