راتو جي سنڌي معنيٰ
رات جو بہ، راتيان، ھر رات
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Every night, in the night
راتو جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون سِکِيين مِينھَن،
تَہ ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بَسِ بُوندُنِ کان نَہ ڪَرِين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 12 ]

ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏِينھان رِڻَ ۾،
پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو،
کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 7 ]

آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ ڪارَڻِ ڳالِهہ ڪَرِيو،
نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 17 ]

مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]

وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ،
قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ،
پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ،
راتو ڏِينھَن رِڙھيجِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 6 ]

ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ،
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]

مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن،
مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن،
ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، ماءِ ٻاروچاڻي نِينھَن نِينھَن،
جا جَڙَ لَڳَڙِي ٻيڙِيين، سا جَڙَ لَڳَڙِي نِينھَن نِينھَن،
مُون کي پِرِين ميڙِيين ، روجَهڙِيُون ميڙيين مِينھَن مِينھَن،
ھوتَنِ جِيءَ ھيڪاندِ لَيءِ، آئُون رُئان راتو ڏِينھَن ڏِينھَن،
مانَ وَسائي مُون ڌَڻِي، ميڙائي جا مِينھَن مِينھَن.
[ سُر حسيني، وايون، 25 ]

پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ،
پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ،
اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ اُونداھِي جَنِ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 17 ]

تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ وَڃِي ٿاڻا ڪِئا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 13 ]