ڪِينَ بابت
معنيٰ
ڪي ڪين، ڪجهہ بہ نہ، بلڪل نہ، عَدم، بنھ نہ، صفا نہ، نيستي، اصل نہ، خالي، اجايو، نفي، نابودي، فَنا.
Never ever
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري، ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري، پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڌات، جاڳَڻُ جُسَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ، اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو، ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو، ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيا، اُھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، کُوري کَپايا، جيلاھَ لَنئُن لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي رَھِئا، صُوفِي تي ٿِئا، جِيئَن ڪِينَ کَنيائُون پاڻَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ، جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ، جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾، تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ، آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ، چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ، ڪِينَ ڪَڍَندين…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ گهَرِ کيِن، ھَٿِ نَہ اَچي ڪِينَ، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي، اَڳِهين اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي، پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مَنجهان ڪِيني ڪِينَ، ڪَڏِھِين ڪَنِ نَہ پِرايو، جي ھوءِ سَٽاڻِي سِينڱ، تَہ زِھَ ڇِني جوکو ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي پَٽَ ۾، ڪَنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي، سُپيرِيان جي سُونھَن جِي، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي، عاقِلَ ئِي اوڄُونِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قُربُ جَنِ سين، اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- پِيو مَنجِهہ ڦُلِهِيارَ، ماڻِڪُ ميرو نَہ ٿِئي، لالِي تَنھِن نَہ لَھي سارِي سَڀَ ڄَمارَ، وِلِها جي وينجهارَ، ڪَچُ ڪَمائِين ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سينڌو ھُئين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئين ھِيئَن، جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏيِنھَن، جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سُونھان سُڌِيُون ڏِيِنِ، اِنَ ديواني دَرياھَ جوُن، ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ، عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- ثابِتُ لَنگهِئا سِيرَ، لَهِرِنِ لوڏِئا ڪِينَ ڪي، وَڃِي پَهتا پارَ کي، نِرتو مَنجهان نِيرَ، ماء پَهتا مِيرَ، ٻارِ لَنگهِئائُون ٻاجَهہ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- جَي تُون ٿِيين اللهَ جو، تَہ عالَمُ سَڀَ سَندوءِ، مَنْ لَّہٗ الْمُوْلٰی فَلَہٗ الْڪُلُّ ، پِرِيَنِ پاڻَ اُتوءِ، ڪَپَرُ ڪِينَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَخِتِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا، سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ، سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون، آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي، مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي، سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي، مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ، سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ، گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ، وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ ، اِيءُ لَنگِهيائِين لَنگهُہ، سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ، اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ، نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا، سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا، ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي، ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي، ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي، تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڀَرِيُون ڀَرِ دَرياھَ، پَسُ جي پارِ پَوَندِيُون، ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ، جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِحُ ساھَڙَ جو، اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو، ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون، جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي، لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي، مَحبَتِيءَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ، وَرَ ري وانڊِنِ اَڏِئا، پَکا سي مَ پُسَنِ، اُتَرُ ڊاھي اُنِ جا، ڪَنھِن…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جارُ، خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِ، سائُنِ سِرَ فِدا ڪِئا، اَڳِئان اِمامَنِ، یُجَاهِدُوْنَ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ، ٿا ڪَمُ اِھو…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ، ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ، ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين ڪِينَ ڏَري، اوري تان نَہ اُڀِيي، پَھچي تان نَہ پَري، سَرَتِيُون ٿو سَري، ٻِنِهِي ريءَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين، لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ، ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ، قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ، وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪَڍَ پُنهونءَ جِي ڪاھي، چاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِئو، اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پُڻ ساھي، اَلعِشقُ حِجاب بَينَ العاشِقِ والَمعشُوق ،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي، اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اَندوھَ ۾، پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- دَردَ مُنھِنجي جا دارُون، يارَ موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون، سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇَ ڪُتي سين ڪِينَڪِي، پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس، سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ، پُوندا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ، سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ، سا مَھِندِ مِڙَنِئان ھوءِ، ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهتِي سا، وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ھَورِنِ ھاڙِھو لَنگِهئو، مُٺِي مُوسَٽُ ڇَڏِ، ”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَساڻي ڪيچَ کي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ھَورِنِ ھاڙِھو لَنگِهئو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ، ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ ڪا، ڳورِيءَ سَندِي ڳالِهہ، ڪِينَ پَھتِي مالِ، حالِ پَھتِي ھوتَ کي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- وَڌو ڪِينَ وَڻا، اُوچا ڏُونگَرَ نَہ ٿِئو، ٽِمو مَ نيڻان، تہَ پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جِيئَڻان اَڳي جٖي جِيا، جُڳُ جُڳُ سي جِيَنِ، موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻان اَڳي جٖي مُئا.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ، سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ، ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ، ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ، ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- گَجئا ڪِينَ گَڙَنگَ، ٻَڌي مُنھِن پَلاڻِئا، اوٺِيَڙا اَڙٻِنگَ، وِئا لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- مُون توکي پَرنِئا، اللهَ اوٺِي ۽ اُٺَ، ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ، توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو، پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو، وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِيِ، پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇِئو ڪِينَ ڪُٺَنِ، ڪا جَا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پُڻِ ھُئِي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- لالَڻَ لوغَ وِئا، ھَلَڪَ رَوان ڙِي جيڏِيُون. پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- گِندا گُشِي پاڻَ ۾، سِرِ چَپَنِ چولي، پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻاروچي ٻولِي، گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄامَ پُنهونءَ کي.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- زَڙِتو بَڙِئو روزِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، ٿَشِ ٿَڙَشِ ڪِينَ ڪِي، بُرو ڏُونگَرَ ڏورِ، مَنان ٿَڙِشا نَہ ڪَرِ، بَرابَر اُٿِي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين، ڏُونگَرَ ڀُونيُنِ ڪِيرَ، اِھَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَھَندِينءَ ڪي ٻِئا.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- زارِي سا زارِي، اَلولَ ٻاروچي سان ڪَندِيَس زارِي، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، مُون سان قِيامَتَ ڪارِي، ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ، آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ، آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- جيڪا ڪَندِي مَنجُهہ، مُون جِيئَن ٻاروچَنِ سين، مَٿان ڳَلَنِ ھَنجُ، ڪِينَ لاھِيندِي ڪڏِھِين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مَڇُڻ ٿِيين مَلُورَ، ڪِينَ اَڳاھِين، آھِين، ڏِسَڻَ ڪَري ڏُورِ، حَدَ ٻِنِهِي جِي ھيڪِڙِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين ھورُ لَھي ساڄَنَ آھِنجي سُورِ، ڪِينَ جِيئان ٿِي ڪيچِيا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ، ھَيُون رَھَنِ نَہ ھوتَ ري.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- اَکِيُنِ ڪِينَ ڪِئو، رَتُ نَہ رُنائُون، اُڀِي ڏِٺائُون، ڦوڙائِبا سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- وارَو وَڃَنِ ٿا، سيڻَ تُنھِنجا سَسُئِي، ھِھَڙا ٻاروچا، ڪِينَ لَھَنديِنءَ ڪي ٻِئا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ھَئَي ٿو وَڃي ھوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَرِي ٿِيان، مَتان چوءِ بَلوچُ، ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِئو.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارِي، ڪِينَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون، مادَرِ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري، مُيُون جو ماري، سو مان گُوندَرُ گَڏِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڇَپَرَ پيرَ ڇِنامِ، آئُون ڪَنھِن پَرِ ھَلان ڪيچَ ڏي، ڏيرَنِ ڏُکَ ڏِنام، ڪِينَ ڏُکويَسِ ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪِينَ سَھان ٿِي سُپِرِين، ڇَپَرَ جُون ڇولُون، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اولُون، ٻانڀَڻِ سين ٻولُون، پِرِين پارِجِ پانھِنجُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَھچَندِينءَ پُنهونءَ سين، جٖي سِينو ساھِين سَسُئِي، ٿِينِ تَھِوارون تِينَ، مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِينَ، حُجَتَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ، بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ، آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ، چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پاسِنگُ جَنھِن پيشِ ڪِئو، تَنھِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ ڏُکُ ٿِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي، مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَڱَ نَہ جَهلِيا مُورَھِين، نَہ مُون پَنڌُ پَري، ڳِنِهِي آيُسِ ڳالِهڙِي، ڳُجِهي تو ڳَري، سا سَمُجِهج سورَٺِ وَرَ، ويندُسِ ڪِينَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي، لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ، پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪُڇَنِ ڪِينَ مُھان، اوتُون ڏِينِ اَکِيُنِ سين، اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ، پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ، اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اُوءِ، کُنڀُ نَہ کاريۡ تَنھِن کي، جو ھالارِي ھوءِ، توڙي ڌوٻِي ڌوءِ، توءِ لالِي…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ، ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ، لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ ڏِٺِي مُون، اُٿِلِيُسِ آھُون ڪَري، ڀِرِي مَٿي ڀُون، سا جي ڏِسين تُون، تَہ موٽين ڪِينَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جالَ، سوڍا مُون کي ڪالَهہ، وٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جٖي، سوڍا مُون کي سي، موٽِي مُنھَن ۾ آيون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جِتِ، سيئِي مُون کي تِتِ، موٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِئو، پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، سُمَهَنِ ڪِينَ پَئِي، سَمَرُ ڪِئائُون سُڃَ جو، ڏورِي ڏُٿُ لَهِي، وِئا تِتِ وَھِي، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- جيڪو ڏُٿُ ڪَري، تَہ ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو، چَپَرُ ڪِينَ ڏي، سُوکِڙِيُون سُتَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنَ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ پائي پاڻَ سين، پَھَ پَرُوڙِئَمِ پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَ ڪي، ھاڻي جَي ھَيَئي، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي مَنجهان ڀِتِ، ھُوءِ جٖي ھَيان ھِتِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون، مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ، مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان اَچَنِ، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبوحِ تان نَہ سُڄَنِ، وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ، لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ، ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ ڏِسانِ، جَنھِن جِھو ئِي ناھِ ڪِي، سا ڪا سُونھَن سَندِيانِ، پَسِئو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا، ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا، ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سورَھين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڪا بُولي ڪاھِين، چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ، ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ، اِنَهِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي، سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي، ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٽيوِيھين ٽِمائِي، نانگا ھَلِئا نيڻَ، ڪِينَ وِسارِينِ ڪاپَڙِي، سَٻاجهائِي سيڻَ، جِهڄِئو جِهيڻِيءَ جِهيڻَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وٽِيا ڪَنَ ڍارَ، ھَلِئا ھِنگِلاچِ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ، جٖي ڪِينَ قَبُولَڻَھارَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- تَڪِيَنِ سين توڙان، ويراڳِيَنِ وَڻي ڪِينَڪِي، ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا، آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪِينَ ٿِيين ڪِي نَہ ڪِئوءِ، وَڃِي ڪِينَ ڪَماءِ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، جوڳِي سَڀَ جَلاءِ، سامِي پوءِ سَلِينداءِ، ڳالِهہ پِريان جي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ، ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ، ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ، ”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي، سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي، لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ، ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، اَندَرِ آڳِ جَلاءِ، جَنِ کي سَڄَڻَ جِي ساڄاءِ، تَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، سَجِدَہ گاھَ سامِيين، گوڏا گودَڙِيَنِ، فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، ٿا نانگا اِيئَن…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- عَدَمُ اوتارونِ، نااُميدِي نِجُهرو، رَضا راڄُ سَندونِ، ٻِئو مُوران مَڱَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي. عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرَ سَناسِينِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ، لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ، ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھَن، مَڙِهنِ اُٺا مِينھَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ياد گُروجَن گودَڙِيا، بيٺا بازَرِ ڪولِ، نانگا پنھنجي ناٿ سين، وڃن ڳولا ڳولِ، ڪَنھِن جَنھِن ٻولِ، چوٽا ڇوڙِين ڪِينَڪِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران، مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران، پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ سُمَهِي، بُکَ مَرَندي بِکِئا، ڪَنھِن کان ڪِينَ گُهرَنِ، ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِئا پِنِي ماٺِ جِي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ لَڳي ڪِينَ لِباسَ سين، وَتَنِ وِلِهي ويسِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ، رامُ ڪِئائُون ڏيَٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلِهي ڪِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڳُڻين ڪُٺا ڪاپَڙِي، مُوران پَرياڻانِ، ڏَنڊا تُنبا ڪِينَرا، ٽيئِي ساجَ سَندانِ.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سامِي چَئِجي تَنھِن کي، جَنھِن سَڀَنِئان سَري، پَرَ گهَرِ وَڃي ڪِينَڪِي، گهَران ڪِينَ گهُري، پُٺِيءَ پيرَ پُري، حَقِيقَتَ ھادِيءَ جي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو، ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو، آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ، سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ، ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ، ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ، إِنَّ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- لامَئُون لَڏي ھَلِئا، جوڳِي مان جايُنِ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ چُوَنِ، مَنجا مَھرا مَڙِهيُون، ڀاڻُ ڪِئو ڀانئينِ، وَالقَدرِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي، اُٿِي آڌِيءَ راتِ جو، سُمَرِڙِيُون سورِينِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اونڌي ڪَنڌِ اورِينِ.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ، اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ، توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون ٿا چُونِ، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ، جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا نَہ ويراڳِي، جِندا تو جاڳِي، نانگا ڪِينَ نِھارِئا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- سَرَڻِنِ جا سوٺا سَھي، وَسِيلو وِلَهَنِ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، اَڳِئان لالُ لَکَنِ، جِتِ ڪوڙيِين ڪِينَ ڪُڇَنِ، تِتِ پاٻُھي پَڌِرو.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ، پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ، ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ، سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ، ھو مَھائِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ، گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.[ سُر بلاول - وڳند ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو، بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو، دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان…[ سُر بلاول - وڳند ]
- لِيلان ڇَڏِ لِھورُ، وَڃُ پَنھِنجي مائٽين، اَبو ڏاڏو پانھِنجو، مَٿان چَنيسَرَ گهورِ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ڪِينَ ھَلَندو ڪانڌَ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ نَہ پورِهيو، جانۡ تُون ڏِيندَڙُ تَنِ، تانۡ آسَ اَسانھِين نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو، سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو، ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- نَڪِي ڪِتوئِي ڪالَهہ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، مُونا اَٽِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرَڪِي مالَهہ، ھَئَي تُنھِنجي حالَ، جِيئَن ڪاپي مان…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ، سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ، قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، مَٿي مُونَنِ ھَٿَڙا، اَکِيُون ڏانھَن پِرِيَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ نَہ ڪانڌُ اُنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ ڀيرِيو جَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي پَھرَ اَرٽَ سين، تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪاپي مان ڪِينَ ٿِئو، جان ڀيرِئُمِ ڀَلِيءَ ڀَتِ ، سُڌِ نَہ آيَمِ سُٽَ جي، پاڻان موڙِھِئَمِ مَتِ، اَندَرِ وَھي اُبَتِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪِي جَو ڪَنھِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آيُون، ھِڪُ ديوانِيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ، تِھان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪَنھِن جَنھِن عادَتَ اُڀِيُون، نيڻين جهيڙِئو پاڻَ ۾، ويڻين ڪِينَ وِڙَھِن، اَکِيُنِ ۽ پِرِيَنِ، پُورِي پاتِي پاڻَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪَنھِن جَنھِن عادَتَ اُڀِيُون، پييُون پَچَنِ پَرِ ۾، کُوري جِيئَن کامَنِ، لاٽُون ڪِئو لُوسَنِ لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ديکِ مَ تُون سين تَنِ، جٖي مَجازِياڻِيُون مُنھَن ۾، ڪِينَ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ، پِرِين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ، اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ جو، آھِ نَہ مَٿي عامَ، سَندِي مَحَبتَ مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي ٿِئو ويڇُون، مَحَبتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ، جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ ؟ جانِبَ مَنجهان جِيئَن، مَحرُومَ ئِي مَرِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي ڏِٺو جَنِ، سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران ڌَڻِي ڪِي ٻِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَُڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ، ليکِئمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِئامِ، پاڻُ وِڃائي پانھِنجا، ٿورا ٿُڪَ ھَنيامِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ، داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ، ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي، ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي، اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڪِي اُنِهين ۾ آھي، ھُوءِ جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپَڙا، ڌارِيا ڀانئِينِ ڌارِيُون، پاڻَ پِرِينءَ سين کائي، اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا،…[ سُر آسا - وايون ]
- جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ ڏِئو رَنڱَ، سَڳايُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِي ڪِينَ ڪَري.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- پاڇاھِي نَہ پاڙِيان، سَرَتِيُون سُوئِيءَ ساڻُ، ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ، ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ، پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ، جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، مارُو مَسَ مَڃِينِ، ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا ڪي ڏِينِ، جَي مانۡ لوھَ لاھِين، تَہ ڪوٺِيُنِ ۾…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون، ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان، ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ماڙِنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي، مارُنِ لاءِ، ڪَرَلَھَندا ڪَڏِھِين، مُنھِنجِي اَچِي ماءِ، سانبِيَڙا سَنداءِ، ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري، ڳَنان عَھَدَ اَلَستَ جي، ڪِ تِھائِين پَري، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، مارُئِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري، جَنِ ٿي پَيَ پِيارئو، مَنجهان سِڪَ سَري، پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحا ڪَنِ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَرِي، تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي، سِٽائِي سَري، ٿَرَ ۾ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- دِلِ دالَنِما سُومَرا، مُنھِنجِي راوَ نَہ رَضامَندِ، آڻي اَجَڙَوالِ کي، ڪِيُئِي بَندِياڻِيءَ بَندِ، رُوحَ رَهِي هِنَ هَنڌِ، وَطنُ ڪِينَ وِسارِئو.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- هِنَ مُنھِنجي حالَ جو، وِرھُ نَہ ويڙِهيچَنِ، چُران تَہ چُورِ ٿِيان، نِيَر ڪِينَ نَمَنِ، هِڪُ لِڱين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو، مُون تان ڪِينَ ڪِئو، مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ، پَکَي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - وايون ]
- آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا، تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان، ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،…[ سُر مارئي - وايون ]
- عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ ڇَڏِيندي، مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي، مِينھين اُٺي مارُئِي، لالَڻَ ساڻُ لَڏِيندي، سِڙِي مُنھِنجِي سُومَرا، ٿَرنِ ڪِينَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ، ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ، مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- آسَڻَ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ کَپُرَ وِھَ کَري، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري، جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ وِھَ جو وَرَنُ کَرو، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪرُ ڪِينَ ٽَرِئو، وَعدي جو نَہ وَرِئو،…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، مَڻِيو تَنِ مَٿَنِ، ماٺِ مَرتَبو اُنِ جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ، اوڏو وَڃي جو اُنِ، تَنھِن…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سُتي اِنَ سَپَ جِي، ڪو ڇِتو ڇيڙَ ڪَري، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري، مُنھِن ملائِڪَ جِھَڙو.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سِپَ موتِي پيٽَ ۾، ڪُڇي ڪِينَ مُھاءُ، ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]