Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ…
- (بيت) بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا…
- (بيت) جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ…
- (بيت) سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي،…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گِبَرِي، نَہ…
- (بيت) ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ…
- (بيت) پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ…
- (بيت) پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو…
- (بيت) ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي…
- (بيت) گولا جٖي گِراھَ جا، جُوٺا…
- (بيت) گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ…
- (بيت) ڳُڻين ڪُٺا ڪاپَڙِي، مُوران پَرياڻانِ،…
- (بيت) ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ…
- سُر رامڪلي جَي بُک، طعام، گدا ۽ گبري جو بيت
نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ،
رامُ ڪِئائُون ڏيَٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلِهي ڪِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن ڪاپڙين جي چيلهہ سان نڪو ڪجهہ ٻڌل آهي ۽ نڪي وري سندن گبرين (بغل ۾ لڙڪندڙ ڳوٿريءَ) ۾ ڪا شيءِ آهي (جيڪا بک جي وقت کائي سگهن). هنن جي نظر يا نگاھ ۾ صرف رام (خدا جي ذات) آهي، تنھن ڪري هو پنھنجي ڪلهن مٿان يا سر مٿان ٻي ڪا شيءِ کڻي نٿا هلن. (هنن جو آسرو فقط ذات واحد ۾ آهي)
[روميءَ وٽ ان سان ويجهو هي خيال ملي ٿو:
کآن گداي کان بجھد مي کرد او،
بهر يزدان بود، نہ از بهر گلو
(دفتر پنجم ب 2703)
معنيٰ: اها گدائي جيڪا هو ڄاڻي ٻجهي ڪري رهيا هئا. خدا جي واسطي ڪري رهيا هئا ۽ نہ پنھنجي پيٽ خاطر!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2727
نَڪٍ طَعَامو تُنبِّـنِم﮼ نَڪٍ هٖيْٽِ نَہ بٖيْٽِ﮶
رَامُ ڪِئَاءٌ ڎٖيْٽِ وَڃَنِ ڪِيْنَ ڪُلٖيْ ڪِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नकी तआमु तुंबिनि में। नकी हेठि न बेठि।
रामु किआऊं डे॒ठि। वञनि कीन कुलिहे किओ।
ROMAN SINDHI
Nakee Taam'a tubn me, nakee hethh na bethh,
Raam'u kiyaoon Dethh, wanjan keen'a kulhe kiyo.