Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا…
- (بيت) جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ…
- (بيت) سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي،…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گِبَرِي، نَہ…
- (بيت) ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ…
- (بيت) پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ…
- (بيت) پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو…
- (بيت) ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي…
- (بيت) گولا جٖي گِراھَ جا، جُوٺا…
- (بيت) گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ…
- (بيت) ڳُڻين ڪُٺا ڪاپَڙِي، مُوران پَرياڻانِ،…
- (بيت) ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ…
- سُر رامڪلي جَي بُک، طعام، گدا ۽ گبري جو بيت
بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ اُنِهين جو ڌُوپُ،
ڪِئائُون سوئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِيي.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُنهن جي پِن (جيڪي هو گهري وٺن، جنھن لاءِ هڪ سوال ڪن) بک آهي (اهي طعام يا کاڌي جو سوال نٿا ڪن) ۽ انهن جو ڌوپ (جنھن جو هو واس ڏين) مٽي يا ڌوڙ آهي. هو اهڙي صورت يا مُھانڊو ڪري گهمن ٿا جنھن کان عام ماڻهن کي لڄ ٿئي ٿي (ڪوئي سندن ويجهو نٿو وڃڻ گهري)
[مثنويءَ ۾ رومي هڪ هنڌ هينئن چوي ٿو.
جوع رزق جان خاصان خداست،
کي زبون همچو تو گيج گداست.
(دفتر پنجم ب 2846)
معنيٰ: (ٻڌي ڇڏ) بک الله جي خاص ٻانَهن جو رزق آهي. اها تو جھڙي بيوقوف پينوءَ جي هٿ ۾ ڪيئن ايندي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2667
بُکَہ اُنٍ جِيْ بِکِيَا ڌُوْرِ اُنٍ جُوْ ڌُوْپُ﮶
سُوْئِيْ ڪِئَاءٌ رُوْپُ جِئَا لُوْڪَ لَڃَہ ٿِيي﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
बुख उनिहीं जी बिखिआ। धूड़ि उनिहीं जो धूपु।
किआऊं सोई रूपु। जिआं लोक लज॒ थिये।
ROMAN SINDHI
Bukh'a unheen jee bikhiya, dhoorr un'heen jo dhoop'u,
Kiyaoon so'ee roop'u, jiyaan lok'a laJhh'a thiye.
TRANSLATIONS
They are so reconciled to hunger, that they consider it as alms for them; and dust as their incense. Their outward appearances which are deliberately made up, are so unshapely that the people feel disgusted at their very sight. (This is like a malamati.)
اینست خورشیدی نہاں از ذرۂ
شیرنر در پوستین برۂ
(Roomi)
The sun is hidden in a small particle. A male lion is in the hide of a goat.
Hunger is their almas, their bodies with ashes besmeared,
That garb they adopt, of which people feel ashamed.
تسوكهم وشحاذتهم الجوع. وطيبهم تراب.
واختاروا الشكل لو الناس يرون يخجلون ويستحيون منهم.
لوگ ہوتے ہیں دیکھ کر حیراں
جسم پر ان کے ہے عجب پوشاک
بھوک ہے بھیک جوگیوں کے لئے
’دھوپ‘ ہے ان کو دربدر کی خاک
بھوک ہی ان کی بھیک ہے، دھول ہی اِن کا دھوپ،
دھاریں ایسا روپ، شرم آئے لوگوں کو۔