Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ…
- (بيت) بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا…
- (بيت) جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ…
- (بيت) سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي،…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گِبَرِي، نَہ…
- (بيت) ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ…
- (بيت) پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ…
- (بيت) پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو…
- (بيت) گولا جٖي گِراھَ جا، جُوٺا…
- (بيت) گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ…
- (بيت) ڳُڻين ڪُٺا ڪاپَڙِي، مُوران پَرياڻانِ،…
- (بيت) ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ…
- سُر رامڪلي جَي بُک، طعام، گدا ۽ گبري جو بيت
ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھَن جِي،
سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي،
جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،
تَنِي جِي چوٽِي، پورڀِ ٿِيندِي پَڌِرِي .
رسالن ۾ موجودگي: 71 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن نانگن فقيرن (دنيا ۾ اچڻ وقت) محبت ۽ عشق جي لانگوٽي ڇڪي ٻڌي. هنن پوءِ اها لانگوٽي کولي ڪڏهن سک ۽ آرام نہ ڪيو. هو جنھن (پاڪ صاف) حالت ۾ هِن دنيا ۾ آيا هئا، تيئن ساڳيءَ حالت ۾ (هُن جھان ڏانھن) واپس موٽي ويا. اهڙن نانگن فقيرن جي عزت (مٿي جي وڌيل چوٽيءَ مان) تڏهن ٿيندي جڏهن هو پورب جي پار (اصلي منزل تي) پھچندا (اتي ئي سندن استقبال ٿيندو).
[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جا هيٺيان شعر خاص طور قابل ذڪر آهن، جيڪي شاھ لطيف جي سوانح موجب هن پھريائين شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مقبري جي تعمير ڪرائڻ وقت مٿي مُھاڙيءَ ۾ ڪاشيءَ تي لکرائي هڻايا. اهي ساڳيا شعر شاھ لطيف جي وفات کان بعد سندس روضي جي مُھاڙيءَ تي مٿي ڪاشيءَ تي لکيل محفوظ ۽ موجود آهن:
اوليا اطفال حقند اي پسر،
غايس و حاضر عيبي با خبر.
غايس منديش از تعصانشان،
کوکشه کن از برائي جانشان.
گفت اطفال مند داين اوليا،
در غريبي فردان کار وکيا.
پشت دار جمله عضمهائي من،
گوئي هستہ خود اجزاي من.
هان وهان اين دلق پوشان مذاند،
صد هزار انور هزار ويک تن اند.
(دفتر سوم، ب- 79 کان 84)
معنيٰ: اولياء الله جا سندس پاليل ۽ نپايل آهن ۽ هر سندس حاضري ۽ غير حاضريءَ کان باخبر آهي. هنن جي غير حاضري نقصان واري نہ سمهہ، ڇو تہ هو پاڻ سندس ساھ جي خبر رکي ٿو، جيئن هو پاڻ فرمائي ٿو. اهي اولياءَ منھنجا نپايل آهن ۽ دنيا جي ڪمن ڪارين کان وانجهيل آهن. هو آزمائش جي ڪري خوار ۽ انگ هر وقت اگهاڙا آهن، پر مان سندس مددگار ۽ ساٿي آهيان. هنن جي پرهيزگاريءَ ۾ ضامن آهيان. مون تي ڀروسو ڪن ٿا ڄڻ تہ هو منھنجا جزا آهن. خبردار، اهي سڀ گودڙي پوش منھنجا پنھنجا اٿو، جيڪي هزارن ۾ آهن، پر سڀ هڪ جان آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2603
ڪَسٖيْ ڪَاڇُوْٽِيْ نَاکَنِ ٻَڌِيْ نِيْهَ جِيْ﮶
سُکِہ نَسُتَا ڪَڎِہٍ لَاهٖيْ لَاکُوْٽِيْ﮶
جِھَرَا آَئِيَا جِهَانَم﮼ تَهِرَا وِئَا مُوْٽِيْ﮶
تَنٍ جِيْ چُوْٽِيْ پُوْرَڀِ ٿِيْدِيْ پَڌَرِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
कसे काछोटी। नांगनि ब॒धी नींहं जी।
सुखि न सुता कडि॒हीं। लाहे लांगोटी।
जिहड़ा आया जिहान में। तिहड़ा विआ मोटी।
तनी जी चोटी। पूरभि थींदी पधिरी।
ROMAN SINDHI
Kase ka chhottee, naangan Badhee neenhan jee,
Sukh na suta kaDheen, laahe laangottee,
Jehrra Aaya jahaan me, tehrra wiya mottee,
Tanee jee chottee, porabh'a theendee padhri.
TRANSLATIONS
The naked nomads however tied the full length of loin cloth of love (round their waist). They returned to the next world in the condition (pure and naked) in which they got into this world; (i.e. they left the world as pure as when they had entered it.) Their top bunch of hair would be visible in the east. (They would receive clear distinction in the Hereafter).
Tying tight full length the loin cloth of love,
They returned as pure as they came from the world,
Distinction they will receive in the East.
الزاهدون ربطوا فوطة العشق الصادق بشدة.
جاؤوا فى هذا العالم بريئون وطاهرون وراحوا هكذا لظهر مصابيح لهم فى عالم روحاني.
تشنگی میں عجیب راحت ہے
فاقہ مستی میں طرفہ لذت ہے
یہ شکم پروری و تن پوشی
جوگ سے ان کو خاک نسبت ہے
تیرے ساتھی ہیں واصل منزل
تو غبارِ رہِ ندامت ہے
تجھ سے اللہ دور ہے اب تک
ان کے حق میں نوید رحمت ہے
آج ہی مر کے دیکھ لے ورنہ
کل کو مرنا تو سب کی قسمت ہے
جوگی سوامی عشق کا، باندھے ہیں لنگوٹ،
جیسے آئے جگ میں، ویسے گئے وہ لوٹ،
ذرا نہیں ہے کھوٹ، کل ہوگی عظمت ظاہر۔