Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ…
- (بيت) بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا…
- (بيت) جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي،…
- (بيت) دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ…
- (بيت) سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَڪِي طَعامُ تُنبِنِ ۾، نَڪِي…
- (بيت) نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي،…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ…
- (بيت) نَہ گِدا نَہ گِبَرِي، نَہ…
- (بيت) ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ…
- (بيت) پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ…
- (بيت) پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو…
- (بيت) ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي…
- (بيت) گولا جٖي گِراھَ جا، جُوٺا…
- (بيت) گَندِي ۽ گِراھُ، جَنھِن سَناسِيءَ…
- (بيت) ڳُڻين ڪُٺا ڪاپَڙِي، مُوران پَرياڻانِ،…
- (بيت) ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ…
- سُر رامڪلي جَي بُک، طعام، گدا ۽ گبري جو بيت
نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ،
جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
رسالن ۾ موجودگي: 70 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن آديسين وٽ نہ وڇاڻي واري ٽپڙي آهي ۽ نہ بغل ۾ وجهڻ واري ڳوٿري. هنن جي بدن تي لانگوٽيءَ جي ليڙ (ڪپڙي جو سنهو ڊگهو ٽڪر) بہ ڪونهي. پر (مٿن مالڪ جي ڪا خاص مهرباني آهي جو) اهي جنھن طرف هلڻ جي تڙڀيڙ يا تڪڙ ۽ تک ڏيکارين ٿا، تہ اوڏانھن هو مالڪ کي سامهون پيا ڏسن.
[رومي هنن عارفن جي اهڙي ڪيفيت جي نشاندهي هن ريت ڪري ٿو:
صد نشان دارند محو مطلق اند،
چه نشان، بل عين ديدار حق اند.
(دفتر اول، ب- 3480)
معنيٰ: هو ذات حق ۾ بلڪل فنا ٿيڻ جا ڪيترا نشان رکن ٿا. نشانن جي ڪھڙي ڳالهہ ڪبي؟ هو پاڻ ذات الاهيءَ جو ديدار آهن!]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
न गिदा न गिबरी। न लांगोटीअ लीड़।
जेडां॒हं करीनि भीड़। तेडां॒हं साहिबु सामुहो।
ROMAN SINDHI
Na Gida naa Gab'ri, na laanGo'ti ler'h,
Jedan'han karein bhea'r, teDa'an saheb saam'hun.
TRANSLATIONS
The ascetics have not even a coverlet, a patch, work quilt or a strip of cloth to serve as a loin cloth. In whatever direction they press, they find the Lord in front of them.
To Allah belong the East and the West; so withersoever you turn, there will be the face of Allah . (115, Al-Baqarah).
گُدڑی ہے نہ چادر، وہ لنگوٹ نہ باندھیں،
جس جانب بھی جائیں، دیکھیں اپنا صاحب۔