Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي مارئي ملير جي ستي سيل جو بيت
جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مارئيءَ جو عزم) جيستائين سَتين (پاڪدامن) عورتن جو سَت سيل قائم آهي، تيستائين آءٌ ڪڏهن بہ قيد نہ قبولينديس. (اي عمر، آءٌ تنھنجي فريب ۾ نہ اينديس، شايد توکي خبر ناهي تہ) سِپ سڄي عمر سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ رهندي آهي، پر ڪڏهن بہ سمنڊ جي پاڻيءَ جو ڦڙو بہ نہ پيئندي آهي، بلڪ هوءَ هميشہ آسمان مان مينھن جي آسري تي هوندي آهي (جڏهن مينھن جي پاڻيءَ جو قطرو سندس پيٽ ۾ ويندو آهي تہ ان مان موتي ٺهندو آهي). منھنجي دل ۽ من بہ ائين ملير وارن جي آسري تي آهي. منھنجي ديس کائڙ ۾ هر هنڌ خوشيون ٿي وينديون، جڏهن انهن جي امانت (مارئي) هنن وٽ وڃي پھچندي.
[سِپ ۾ موتيءَ جي سرجڻ جو موضوع روميءَ وٽ پڻ ملي ٿو، جتي هو باڪردار انسانن کي سپ سان ڀيٽ ڪري ٿو:
صورتش ديدي، ز معني غافلي،
از صدق دّري گزين گر عاقلي.
اين صدفهائي قوالب در جھان،
گرچه جمله زنده اند از بحر جان.
ليک اندر هر صدف نبود گهر،
چشم بکشا، در دل هر يک نگر.
(دفتر دوم، ب_1021_24)
معنيٰ: تو هن جي ظاهري صورت ڏٺي پر اندر کي نہ ڏٺو. سپ ۾ اندر موتيءَ کي ڏس جيڪڏهن تون عقل وارو آهين. دنيا ۾ انساني جسم سپن مثل آهن ۽ سڀ جو سڀ قدرت جي سمنڊ جو حصو آهن. پر ياد رک هر سپ ۾ موتي نہ هوندو آهي. چڱيءَ طرح اکيون کولي هل ۽ هرهڪ کي چڱيءَ ريت سمجهہ ۽ پروڙ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3220
جَا ڪُرْ سَتِنِ سِيْلُ تَا ڪِيْنَ وِهَدِيَسِ ڪُوْٽَم﮼﮶
سِپَ سَمُڊ﮼ سَپَجٖيْ نَدِيَ پِي﮼ نَہ نِيْرُ﮶
جِنْ اُوْءِ اَبُرَ آَسَرِيْ تِنْ مُنْ مَنِ مَلِيْرُ﮶
کَائُرِ پِيَنِ کِيْرُ جٖيْ اَمَانَةَ اُتِ وَڃٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जां को सतिनि सीलु। तां कीन विहंदियसि कोट में।
सिप समुंडें सपजे। नदीअ पिये न नीरु।
जीअं ऊअ अबुर आसरे। तीअं मूं मनि मलीरु।
खाउरि पियनि खीरु। जे अमानत उति वञे॥
ROMAN SINDHI
jaan ko satin'ay seel'u, taan keen'a wihandiyas'ay kott'a mayn,
sip'a samunDen sapajay, nadi'a pi'ye na neer'u,
jee'en oo'ay abur'a aasiray, tee'en moo'n man'ay Maleer'u,
khhaa'ur'ay piyan'ay khheer'u, jay amanat'a ut'ay wanjay.
TRANSLATIONS
So long innocent women can remain virtuous in this world, I shall maintain my chastity. In fact I shall refuse to stay in this fortress. The oyster lives in sea, but she does not drink the sea or river water. Just as she depends expectantly on a rainy cloud, similarly my mind is focussed on Malir as my goal. If I, who am a trust with Umar, go back safely to the herdsmen, they would celebrate the occasion with distribution of milk.
"I will preserve my virtue and not remain in fort,
Oyster is in ocean reared, drinks not river's single drop,
But pins its hope on clouds, the way I for Malir thirst,
My safe return, my people will celebrate by drinking milk.
So long as chaste girl remain undefiled I will not stay in fortress,
Oyster is reared in sea but never drink its water, nor of any river,
As it looks forward to rainy cloud so do I to Maleer,
If I go undefiled, the whole Khaaur will rejoice in milk.
وصداقة. ولايقدر ينقد أي واحد على كرامتهن وحصانتهن ولا يقدر يشك عليهن أي واحد من ناحية شرفهن ومن ناحية محافظتهن على فروجهن.
مارئي ترد الجواب: حتى فى زميلاتي إحسان ومعروف.
لا أجلس فى القلعة أبدا.
صدف يولد فى البحر ولاكن لايشرب ماء البحر ولايشرب ماء النهر ولاكن ينتظر ويتوجه وجهه إلىٰ سحاب مثل هذا ملير يمطر ويعيش فى روحها وهي تنتظر عودتها إلى ملير مثل الصدف.
مارئي هي أمانة ملير لو تعود إلى الصحراء هناك أصحابه عند وصولها يشربون الحليب من الفرح والسرور.
لأن هذه عاداتهم أنهم يشربون الحليب عندما هم يفرحون.
سپ ساگر دا امبر تکی کدوں مینہہ ورساوے
تیوں میں تکاں راہ ملیراں کدوں ماروآں آوے
ست نا ڈولے میرا ہرگز قیدوں بھئے نا کھاوے
سُچا شیل ویکھ کے میرا مارو خوشی ملاون
کیسے رہوں میں محلوں میں میری، عزت دار ہیں سکھیاں،
سیپ تو ساگر میں ہے لیکن، پیئے وہ قطرہ نیساں،
سیپ سکھی! جوں بوند کو ترسے، دید کو ترسیں اکھیاں،
خوش ہوں گی تب سکھیاں، جب جاؤں گی دیس ملیر!
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾…
- (بيت) اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو…
- (بيت) اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو…
- (بيت) اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون…
- (بيت) تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ ۾، سَدائِين…
- (بيت) سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون…
- (بيت) سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون…
- (بيت) سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون…
- (بيت) سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ،…
- (بيت) سِکو سَڀَ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا…
- (بيت) سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ…
- (بيت) عُمَرَ اَڇائِي تو کي، توڙائِين…
- (بيت) عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون…
- (بيت) مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، آيا…
- (بيت) مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا…
- (بيت) مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا…
- (بيت) مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ…
- (بيت) مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سَڀَ…
- (بيت) مُون ماڙِيءَ جو سُومَرا، ٻِنهِي…
- (بيت) هِنيُون هيڪُ هو، سو پُرزا…
- (بيت) هِنيُون هيڪُ هومِ، جو مُون…
- (بيت) هِڪَ سِرِي هِڪُ ساھُ، ٻِئو…
- (بيت) هِڪِڙَنِ سان هِڪِيُون ڪَرِيين، ٻِيُون…
- (بيت) پَٽَ پُراڻا وَسِئا، اَچِي چَيائُون،…
- (بيت) ڪَنڊِ لَنگهيندي ڪاڻِ، پييَمِ پَنوَهارَنِ…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
- وايون
