نِيرُ بابت
معنيٰ
اکين مان ايندڙ پاڻي، لُڙڪ، اَشڪ، ڳوڙها. پاڻي، جَل، آب، ما، رس. پاڻياٺ، پاڻيٺ. ننڍو پاڻي. تانگهو پاڻي. درياءُ. سمنڊ.
Tear, water, ocean.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ، لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ، ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنِيرُ، فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ، ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ، چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان، پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ، سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،…[ سُر مارئي - وايون ]