Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي وايون جي وائِي
مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان،
پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ،
سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،
اَدا تُون مُنھِنجو آهِيين، اِذنُ ڏي اَمِيرَ،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِلئِو پِيَنِ کِيرُ،
اُنِ کي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ساري ٿو سَرِيرُ.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي عمر!) منھنجي دل ۽ من ۾ هر وقت ملير آهي. آءٌ هِتي تنھنجن ڪوٽن ۾ ڪيئن گذارينديس (ڪونہ رهي سگهنديس). خدا ڪري جو آءٌ ملڪ موٽي وڃي پنير جي پاڻيءَ جون وٽيون ڀري پيان. منھنجيون سرتيون جيڏيون ملير ۾ کلي خوش ٿي کير جا وٽا ڀري پيون پين. اي سومرا، منھنجا هي زنجير کولي مون کي آزاد ڪر تہ وڃي سرتين سان گڏجان. تون منھنجو ڀاءُ آھين منھنجي عزت رک. منھنجو ساھ هِنن ماروئڙن کي پيو ياد ڪري ۽ سنڀاري.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मुंहिंजो मनु मलीर। कोटनि में कीअं घारिआं।
पियां शाल पयूं भरे। पाउर जो पनीरु।
सरतियूं पसां सूमरा। जीअरे लाहि ज़न्जीरु।
अदा तूं मुंहिंजो आहियें। इज़्नु डे॒ अमीर।
मूं जेडि॒यूं मलीर में। खिलिओ पियनि खीरु।
उनि खे अब्दुल्लतीफ़ चए। सारे थो सरीरु॥
ROMAN SINDHI
munhinjo man'u Maleer'u, kottan'ay mayn kee'en ghhaari'aa'n,
piyaa'n shaal'a payoo'n bharay, paa'ur'a jo paneer'u,
saratiyoo'n pasaa'n Soomaraa, jee'aray laah'ay zanjeer'u,
adaa too'n munhinjo aahee'n, izn'u ddhay ameer'a,
moo'n jeddiyoo'n Maleer'a mayn, khhili'o piyan'ay khheer'u,
un'ay khhay Abdul'Lateef'u chae, saaray tho sareer'u.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي…
- (وائِي) آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون…
- (وائِي) آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ…
- (وائِي) اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون…
- (وائِي) تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ…
- (وائِي) تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين…
- (وائِي) جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو!…
- (وائِي) رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي…
- (وائِي) سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا…
- (وائِي) شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ…
- (وائِي) عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ…
- (وائِي) لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ…
- (وائِي) مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي…
- (وائِي) مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ…
- (وائِي) مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ…
- (وائِي) مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي…
- (وائِي) مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان…
- (وائِي) مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ…
- (وائِي) مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون…
- (وائِي) ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ…
- (وائِي) ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا…
- (وائِي) پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو…
- (وائِي) کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
