اَدا بابت
معنيٰ
ڀائرو، ادئو، ادڙئو
Brothers, bros
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اَدا اي ٻانڌِي! توکي ڪَڙَھان ڪِ پاڻَ کي؟ سُوڌِي خَبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندِي، تُون پاتارِ پانڌِي، اَسان پَنڌُ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي، اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ، وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي، ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي، آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- مُنڪِرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏھِن ڏِٺائِين، اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي پُنهون پُڇِيائِين، اَدا اِئائِين، ڪو لَنگِهئو ساٿُ سَڄَڻَ جو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي، تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري، سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا، پَسان شالَ اَکِيُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ، راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا، مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان…[ سُر راڻو - وايون ]
- پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ تُون ڳالَهڙِي، حِڪايَتَ ھوتَنِ جِي، اَدا توڪا آندِي، ڏيئِي باھِہ ڀَنڀور کي، جَتَنِ ڏي آئُون…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- گهاتُوئَڙا اَدا، مَتان اَئِين رَڇَ وِڃايو، گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو، مَھِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،…[ سُر گهاتو - وايون ]
- مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾ ڪِيئَن گَهارِئان، پِيان شالَ پَيُون ڀَري، پائُرَ جو پَنِيرُ، سَرَتِيُون پَسان سُومَرا، جِيئَري لاھِ زَنجِيرُ،…[ سُر مارئي - وايون ]