Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي وايون جي وائِي
پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ تُون ڳالَهڙِي،
حِڪايَتَ ھوتَنِ جِي، اَدا توڪا آندِي،
ڏيئِي باھِہ ڀَنڀور کي، جَتَنِ ڏي آئُون جاندِي،
مُون کي پِيتَمَ پاڙِھو، خَمرَ جي آئُون خَواندِي،
سا پَرِتِيَئِي سُپِرِين، اَلَستَ جا آندِي،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، مُٺِي پَسُ ماندِي،
ڪَڏِھِين ٿِيندِيَسِ ڪيچَ ۾، ھوتَنِ سين ھيڪاندِي.
رسالن ۾ موجودگي: 56 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) اي ادا پنڌ ويندڙ (قاصد)، تون ڪا سڄڻ جي ڳالهہ ٻولهہ ڪر، ڪو واءُ سواءُ ڏي. تو پاڻ سان هنن هوتن جي ڪا خبرچار آندي آهي. آءٌ تہ ڀنڀور کي باھ ڏيئي هنن جَتن سان گڏ وينديس. آءٌ اُنهن بلوچن جي ٻانهي ۽ گولي آهيان. مون کي پرت جو پيالو پرينءَ پنھنجن هٿن سان جياريو آهي، سو آءٌ نشي جي هيراڪ ۽ خواهشمند آهيان. دوست جي ديدار کان سواءِ هن بي حال ۽ بيوس کي ڏسو! آءٌ سِڪان پئي تہ ڪيچ وڃي ڪڏهن هوت پنهل سان ملنديس. شال رب ڪريم پنھنجو ڪرم ڪندو، هو مون کي مرڻ کان بعد ڪلهي ڏيڻ وارا ڪيچي اچي ٿيندا.
[مثنوي روميءَ ۾ ’خُمر‘ جي باري ۾ ڪيترا شعر ملن ٿا، ليڪن هتي هيءُ شعر ڏسو:
خود قوي تر مي بود خمر کُهن،
خاصه آن خمري که باشد من لدن.
(دفتر اول، ب-2942)
معنيٰ: جيتوڻيڪ پراڻو شراب زيادہ مستيءَ وارو ٿئي ٿو، خاص طور اهو شراب جيڪو هن دوست وٽ آهي يا هو دوست پاڻ پياري ٿو].
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2675
پَانڌِيْ ڪَاپِرْيَنِ جِيْ ڪَرِ تُنْ کَالَرِيْ﮶
حِکَايَةَ هُوْتَجِيْ اَدَا تُوْ ڪَا آَندِيْ﮶
ڎٖيْـئِيْ بَاہِ بَنڀُّوُرَ کٖيْ جَتَنِ ڎٖيْ آَءٌ جَاندِيْ﮶
مُنْـکٖيْ پِيْـتَمَ پَارِهُوْ خَمْرَ جِيْ آَءٌ خَواندِيْ﮶
سَا پَرِتِيَـئِى سُپِرٍ اَلَسْتَ جَا آَندِيْ﮶
پَسَنَ ڌَارَا پِرْيَجٖيْ مُٽِيْ پَسُ مَاندِيْ﮶
ڪَڎِہْ ٿِيْدِيَسِ ڪٖيْچَم﮼ هُوْتَنِس﮼ هٖيْڪَاندِيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
पांधी का पिर्यनि जी। करि तूं गा॒लहड़ी।
जिकायत होतनि जी। अदा तो का आंदी।
डे॒ई बाहि भंभोर खे। जतनि डे॒ आऊं जांदी।
मूं खे पीतम पाड़िहो। ख़म्र जे आऊं ख़वांदी।
सा परितियई सुपिरीं। अलस्त जा आंदी।
पसण धारां पिरींअ जे। मुठी पसु मांदी।
कडि॒हीं थींदियसि कैच में। होतनि सें हेकांदी।
ROMAN SINDHI
paandhi kaa piryan'ay ji, kar'ay too'n ggalhrri,
Hikaayat'a hotan'ay ji, adaa taokaa aandi,
dde'ee baah'ay bhanbhor khhay, jatan'ay dday aaun jaandi,
moo'n khhay peetam'a paarriho, khamar'a jay aaun khuwaandi,
saa paritiya'ee supireen, alast'a jaa aandi,
pasann'a dhaaraa'n pireen'a jay, muthhi pas'u maandi,
kaddihee'n theendiyas'ay kech'a mayn, hotan'ay see'n hekaandi.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا…
- (وائِي) آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون…
- (وائِي) تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي…
- (وائِي) تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو…
- (وائِي) جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ…
- (وائِي) جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ…
- (وائِي) دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري…
- (وائِي) راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون…
- (وائِي) سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون…
- (وائِي) شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون،…
- (وائِي) ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو…
- (وائِي) مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا…
- (وائِي) نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان…
- (وائِي) ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ…
- (وائِي) چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ…
- (وائِي) ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا…
- (وائِي) ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون…
- (وائِي) ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،…
- (وائِي) ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا…
