Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر رامڪلي جَي وايون جي وائِي
ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ وَتُ مَ ويسَلِي،
تان ڪي جاڳِي اورِ اللهَ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
سي پُڻ رُوَندا رَتُ وِئا، مِڙِئا جٖي مَرِي،
سُتي سَڄَڻُ نَہ مِڙي، آھي اِيءَ ڳَري،
ٻِيُون اِنَ اوسِيڙي آڌِيءَ اُٿِيَنِ، تُون ڍاڳي ڍَرِي،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَرَ ڏي دِلِ وَري،
ويئِي ميرائِي مَنَ مان، سَڀَڪا ڳالِهہ سَرِي.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي طالب) تون سستي ڪري غافل ٿي نہ ويھ. گهڻو نہ تہ ٿورو ئي ضرور، ڪجهہ نہ ڪجهہ (جيترو پڄي سگهي) الله سائينءَ کي ويھي ياد ڪر. جيتوڻيڪ محبت جي ميدان ۾ گهڙي پار پھچڻ وڏو مامرو ٿو معلوم ٿئي. ڇو تہ اهي (سالڪ) پڻ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا ويا، جيڪي مرڻ کان اڳ مري (پنھنجو پاڻ ماري) پنھنجي پرينءَ سان وڃي مليا. اها پڻ سچي ۽ کري خبر آهي تہ آرام ۽ ننڊون ڪرڻ سان سڄڻ ڪونہ ٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ وارا اڌ رات جو اُٿن ٿا، پر تون ڏاڍو سست ۽ ڪاهل آهين. هنن جون دليون (اوجاڳن ڪري) پاڪ صاف ٿي پون ٿيون ۽ هنن جو هر عرض اگهامجي ٿو. عبداللطيف چوي ٿو ڌڻيءَ جي فضل سان ئي دل اوڏانھن لڙي پوي ٿي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2565
وِهُمَ وٖيْسَلِيْ تُنْ هَڎِ وَتُ مَوٖيْسَلِيْ تَاڪٍ جَاکِيْ اُوْرِ اَللہَ س﮼﮶
مَحَبَّةَ جٖيْ مَيْدَانَجِيْ سُڃٖيْ کَالِ کَرِيْ﮶
سٖيْ پَنْ رُنْدَا رَتُ وِئَا مِرِئَا جٖيْ مَرِيْ﮶
سُتٖيْ سَڃَنُ نَمِرٖيْ آَهٖيْ اِيَ کَرِيْ﮶
ٻِيٌ اِنَ اُوْسِيْرٖيْ آَڌِيْ اُٿِيَنِ ڊَاکِيْ ڊَرِيْ﮶
آَڌِيَ عَبْدِ الَّطِيْفُ چٖيْ وَرَ ڎٖيْ دِلِ وَرِيْ﮶
وٖيْئِيْ مٖيْرَائِيْ مَنَمَا سَڀَڪَا کَالِ سَرِيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
वेहु म वेसली। तूं हडि॒ वतु म वेसली।
तां की जागी॒ औरि अल्लाह सें।
महबत जे मैदान जे। सुजे॒ गा॒लिहि ग॒री।
से पण रूंदा रतु विआ। मिड़िआ जे मरी।
सुते सज॒ण न मिड़े। आहे ईअ ग॒री।
बि॒यूं इन ओसियड़े आधीअ उथीनि। तूं ढागे॒ ढरी।
आधीअ अब्दुल्लतीफ़ चए। वर डे॒ दिलि वरी।
वेई मेराई मन मां। सभका गा॒ल्हि सरी।
ROMAN SINDHI
weh'u ma wesali, too'n hadd'ay wat'u ma wesali,
taa'n kay jaaggi aor'ay Allah'a see'n,
maHbat'a jay maedaan'a ji, sujjay ggalih ggari,
say punn ruwandaa rat'u wi'aa, mirri'aa jay mari,
sutay sajjann'u na mirray, aahay ee'a ggaray,
Biyoo'n in'a aoseerray aadhhi'a uthiyan'ay, too'n dhhaggi dhhari,
aadhi'a Abdul'Lateef'u chae, war'a dday dil'ay wari,
we'ee meraa'ee man'a maa'n, sabhakaa ggalih sari.
TRANSLATIONS
Do not remain unmindful. Keep awake and remember Allah. Every thing is grave in the arena (and under the caption) of love. (Every thing in the universe has been created with a set purpose).
Those persons who annihilated themselves and then joined Allah, went their way shedding bitter tears, (or) those (negligent) persons, who assembled after death (on the Day of judgement) also wept bitterly then.
Verily it is true that none can contact Allah effortlessly.
TRADITION: Whoso works, he is a friend of Allah.
Those persons, who wake up at midnight (and remember Allah) fearfully, would receive a visit from Him as a reward.
Verily they are the bondmen of the Merciful (Allah) who spend the night before their Lord, prostrate and standing . (65, Al-Furqan)
Abdul Latif says: “O sisters! May he come back to me.
بیٹھ تو مت بِسرا، جاگ رجھا لے ساجن،
محبت کا میدان ہے مشکل، دیکھ یہاں تو آکر،
وہ بھی روتے ہی گئے جو، ملے ہیں جان گنوا کر،
ان کو ساجن کب ملتا ہے، سوئی جو سستا کر،
آدھی رات کو یاد کریں جو، پوجا دیپ جلاکر،
ملن بدھائی دیں گے، پریتم، میرے انگنا آکر۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا…
- (وائِي) آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون…
- (وائِي) تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي…
- (وائِي) تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو…
- (وائِي) جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ…
- (وائِي) جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ…
- (وائِي) دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري…
- (وائِي) راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون…
- (وائِي) سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون…
- (وائِي) شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون،…
- (وائِي) ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو…
- (وائِي) مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا…
- (وائِي) نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان…
- (وائِي) پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ…
- (وائِي) چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ…
- (وائِي) ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا…
- (وائِي) ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون…
- (وائِي) ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،…
- (وائِي) ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا…
