Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر مارئي جَي وايون جي وائِي
تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان،
دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين،
اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا، ڏُکندو ڏُورِ نِئائِين،
گِروھَ گودَڙِيَنِ جي، سِلڪَ صِحَتَ ڏِنائِين،
ميڙي مُرِيدَ پانھِنجا، رَحمَتَ هيٺِ رَکئائِين.
رسالن ۾ موجودگي: 56 سيڪڙو
سمجهاڻي
(مالڪ مهربان) درد ۽ بيماريون دور ڪري ڇڏيون سڀني دردن کي وڏي سمنڊ ۾ غرق ڪيائين. سڀني ايمان وارن کي مڙني مرضن کان نجات ڏنائين. اهڙي ٻاجهہ ڪيائين جو درد پاڻ درد ۾ ٻڏي ويو. سڀ بيمار صحتمند ٿي پيا ۽ سڀ تڪليفون دور ڪيائين. گودڙين وارن جي ٽوليءَ کي صحت واري واٽ تي هلايائين (سالڪن جي سنگت کي صحت ڏنائين). پنھنجا سڀ ارادتمند ۽ عقيدت وارا رحمت سان نوازيائين.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود مارُئي، بيت نمبر : 3323
تَپُ تَرِئَاءٍ سَمُڊِ وِڌَاءٍ مَرَضُ مُوْمِنَنِتَا﮶
دَرْدُ پَانَ دَرْدَ م﮼ ٻَرُوْ ٻُڎُوْ ٻَاڄَہ ڪِئَاءٍ﮶
اَکَا سَڀْ سَکَا ٿِئَا ڎُکَندُّو ڎُوْرِ نِئَاءٍ﮶
کُرِوْہَ کُوْدَرِيَنِجٖيْ سِلْكَ صِحَةَ ڎِنَاءٍ﮶
مٖيْرٖيْ مُرِيْدَ پَاهِجَا رَحْمَةَ هٖيْٽِ رَکِئَاءٍ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तपु तड़िआईं। समुंडि विधाईं। निआईं मरज़ु मुइमिननि तां।
दर्दु पाण दर्द में। ब॒रो बु॒डो॒ बा॒झ किआईं।
अघा सभ सघा थिआ। ड॒खंदो डू॒रि निआईं।
गिरोह गोदड़ियनि जे। सिल्क सिहत डि॒नाईं।
मेड़े मुरीद पांहिंजा। रह्मत हेठ रखिआईं॥
ROMAN SINDHI
tap'u tarri'aa'ee'n, samunD'ay widhaai'en, ni'aa'ee'n mariz'u mo'mineen'ay taa'n,
dard'u paann'a dard'a mayn, Baro Baddo Baajh'a ki'aa'ee'n,
aghhaa sabh'a saghhaa thi'aa, ddukhhando ddor'ay ni'aa'ee'n,
giroh'a godarriyan'ay jay, silk'a siHat'a ddinaa'ee'n,
merray mureed'a paanhinjaa, raHmat'a hethh'ay rakhh'aa'ee'n.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي…
- (وائِي) آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون…
- (وائِي) آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ…
- (وائِي) اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون…
- (وائِي) تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ…
- (وائِي) جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو!…
- (وائِي) رويو راتِ وِهاءِ، مُون کي…
- (وائِي) سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا…
- (وائِي) شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ…
- (وائِي) عُمَرَ آئُون مَرِي تان نَہ…
- (وائِي) لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ…
- (وائِي) مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي…
- (وائِي) مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺَڙي رَچي.…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مَلِيرُ، ڪوٽَنِ ۾…
- (وائِي) مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ…
- (وائِي) مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ…
- (وائِي) مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي…
- (وائِي) مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان…
- (وائِي) مُون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ…
- (وائِي) مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون…
- (وائِي) ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ…
- (وائِي) ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا…
- (وائِي) پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو…
- (وائِي) کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽…
سُر جا ٻيا داستان
- مارُن جو حال
- ڪن فيڪون ۽ قيد
- ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر
- سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ
- سونھن وڃايم سومرا
- بندياڻي واجهائي وطن کي
- مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو
- آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا
- لوھ نير، مند مارُو
- چرن چڻڪن چت ۾
- مارئي ملير جي ستي سيل
- سيئي سارئان سومرا
- جيھا جي تيھا
- جھ سي لوڙائو ٿئا
- مُونھان پوءِ ملير
- سارئان ۽ چڪن چاڪ
- کائر ڏانھن کڻي وئا
- پائران پيھي آيا
- مَ رو، پانڌي پرين پنھوار
- ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا
- زمر زخرف سومرا
