نِيرُ جي سنڌي معنيٰ
اکين مان ايندڙ پاڻي، لُڙڪ، اَشڪ، ڳوڙها. پاڻي، جَل، آب، ما، رس. پاڻياٺ، پاڻيٺ. ننڍو پاڻي. تانگهو پاڻي. درياءُ. سمنڊ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tear, water, ocean.
نِيرُ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ،
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]
سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ،
ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 19 ]
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ،
ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 19 ]
جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ،
جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري، تِيئَن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 1 ]